English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي وڏن شھرن ۾ لکين غير قانوني افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي غير قانوني ڪالونيون ٺاھي قبضا ڪري ويٺل آھن: پليجو
30 views
|
07th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران حيدرآباد ۾ 50سالن کان قائم گهر ڊاهڻ، رهواسين تي فائرنگ ۽ گرفتارين جي مذمت
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد ۾ واڌو واھ ڀرسان 50 سالن کان قائم گھرن کي حددخليون ڄاڻائي ڊاھڻ، رھواسين جي مٿان فائرنگ، شيلنگ ڪرڻ ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شھرن ۾ لکين غير قانوني افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي غير قانوني ڪالونيون ٺاھي قبضا ڪري ويٺل آھن، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود انھن غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي نٿي ڏني وڃي ۽ انھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران بڻ بجلي، گئس ۽ ٻيون سھولتون ڏئي تحفظ ڏنو ويو آھي پر قاسم آباد ۾ حڪمران طبقي جي بلڊر مافيا کي نوازڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين جا گھر ڊاھيا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ واڌو واھ ڀرسان غريب ماڻھن جا گھر ڊاھڻ بند ڪيا وڃن. ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ گرفتار رھواسين کي آزاد ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ وزير ڪرپشن لاءِ سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن، ڌاڙيلن ۽ بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪري رھيا آھن، جنھنڪري عام ماڻھو انصاف کان محروم آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے