English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ سامارو روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل ٻارڙن سميت 4 گهرڀاتين جون آخري رسمون ادا، هر طرف سوڳ
180 views
|
15th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
هڪ ئي وقت 4 جنازا کڄڻ تي هر طرف سوڳ وارو ماحول، آخري رسمن ۾ لال مالهي، ڪامريڊ نند لال مالهي ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سامارو روڊ تي سونپور اسٽاپ وٽ مزدا گاڏي ۽ ڪار ۾ ٿيل روڊ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل شھر جي چنديرام پاڙو جي رھواسي ڪيلاش مالھي، سندس ڀاڄائي جنتا زال سروڻ مالھي ٻن معصوم ٻارڙن مھاوير پٽ سروڻ مالھي، ڪارتيڪ پٽ سروڻ مالھي جون آخري رسمون عمرڪوٽ شھر جي چنديرام پاڙي ۾ ادا ڪيون ويون ۽ ھڪئي وقت چئن گھر ڀاتين جا مڙھ کڄڻ وقت روڄ راڙو قھرام مچي ويو آخري رسمن ۾ عمرڪوٽ سميت ضلعي جي مختلف شھرن کان آيل مالھي برادري جي معززين شھر جي سياسي سماجي حلقن پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، ڪامريڊ نندلال مالھي، ڊاڪٽر چيتن وينداڻي، سيٺ چوئٿرام مالھي، بنسي مالھي، ماڌو مل مالھي، رميش ڏيون مالھي، سيٺ مدن لال سوماڻي، ڌرمداس بيٺلاڻي، جھامن داس مالھي، سيٺ گلاب مالھي، مھراج ھرچند، ڀمرو مل مالھي سميت ٻين ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ بعد ۾ مقامي شمشان گھاٽ ۾ ڪيلاش مالھي ۽ جنتا زال سروڻ مالھي جو اڳني سنسڪار ڪيو ويو جڏھن تن ٻن ٻارڙن جي مڙھ کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو مالھي برادري جي چئن ڄڻن جي فوتگي تي چنديرام پاڙو ۾ تڏي تي سندس وارثن منگھارام مالھي سروڻ مالھي ۽ ٻين سان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، ايس ايڇ او عطا محمد لغاري، ڪائونسلر شوڪت اڌيپوري، سيٺ راجا محمود، آفتاب قريشي سميت ٻين تڏي تي پُھچي ڏک ونڊيو ٻي طرف روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل شھر جي سرڪٽ ھائوس ڀرسان اوڏ پاڙي جي رھواسي ڊرائيور پرشوتم اوڏ جون پڻ آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ٿي گذري جنھن ۾ اوڏ برادري سميت شھر جي مختلف ماڻھن شرڪت ڪئي عمرڪوٽ شھر ۾ 5 ڄڻن جي بي وقتائتي وڇوڙي تي شھر ۾ آخري رسمن تائين سوڳ ۾ ڪاروبار بند رھيو ۽ سوڳ وارو ماحول ڇائينل ھو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪيلاش مالهي
مهاوير
ڪارتڪ مالهي
ڀاڄائي جنتا
عمرڪوٽ
0 تبصرے