English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اي ڊي سي نوشهروفيروز لياقت علي بلوچ جي صدارت هيٺ ضلعي ويجيلنس ڪميٽي اجلاس ٿي گذريو
36 views
|
03rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز لياقت علي بلوچ جي صدارت هيٺ ضلعي ويجيلنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، ميونسپل ڪميٽي مورو ۽ ٻين ٽائون ڪاميٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز لياقت علي بلوچ چيو ته ضلعي مان چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائندا ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪن ۽ ان جي تعليم ۽ تربيت دوران جبري مزدوري جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن هن وڌيڪ چيو ته ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين پاران اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ٻيهر اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وڃي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چونڊيل نمائندن کي پڻ صلاح ڏني ته هو راندين جا مقابلا ڪرائڻ ۽ نوجوانن لاءِ هاڪاري سرگرمين کي هٿي وٺرائن. ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي مورو ۽ نوشهروفيروز کان علاوه سمورن ٽائون ڪميٽين جي چيئرمينن ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لياقت علي بلوچ
ضلعي ويجيلنس ڪميٽي
نوشهروفيروز
0 تبصرے