English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ جي تباهي جو منصوبو آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي
245 views
|
31st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ دشمن منصوبي جي روڪٿام لاءِ سنڌ جي عوام کي روڊن تي نڪرڻو پوندو: ايس ٽي پي سربراهه
شڪارپور( احسان ابڙو )ايس ٽي پي سربراہ چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو مرڪزي اڳواڻن سان شڪارپور پھچي سنڌ اسانجي ماءُ ۽ سنڌوءَ ۾ اسان جو ساھ آ جي عنوان سان مھم جي سلسلي شڪارپور پھچي شھر جي مک چوڪ لکيدر تي آيل شھرين سان خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي, ڄام عبدالفتاح سميجو ۽ ٻين چيو تہ ماضي ۾ بہ سنڌو درياھ مٿان اھڙا وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي, پر انھن جا منصوبہ ھميشہ سنڌ جي غيرتمند عوام رد ڪيا آھن, ھنن چيو تہ ڪالاباغ ڊيئم ھجي يا ٻيا ڊيئم ڪڍڻ لاء ان وقت جي حڪومتن نھن چوٽي جا زور لڳايا پر پنھنجا فيصلا مڃرائي نہ سگھيا آھن,ھاڻي شھباز حڪومت سنڌو درياھ مٿان وري وار ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آ اسان ان کي رد ڪيون ٿا ۽ اسان انھن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا تہ سنڌو درياھ مان نڪرندڙ 6 ڪيئنال واري منصوبي کي واپس ورتو وڃي,ھنن وڌيڪ چيو تہ پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪري سنڌ جي زمينن کي غيرآباد ڪرڻ وارو منصوبو ڪڏھن بہ ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين, سنڌ حڪومت ڪئنالن واري منصوبي تي خاموش آھي, ان مان صاف ظاھر ٿي پيو تہ سنڌ حڪومت چاھي پئي تہ سنڌ جو پاڻي پنجاب حوالي ڪري سنڌ جي ماڻھن کي بک ۽ اڃ تي ماريو وڃي, آصف زرداري پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء سنڌو مان نڪرندڙ ڪئنالن واري بل تي صحيح ڪري سنڌ مٿان وار ڪيو آ اسان ان فيصلي کي رد ڪندي مطالبو ڪيون ٿا تہ ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي,اسان پھرين ڏينھن کان ڪئنالن واري فيصلي جي خلاف آھيون ۽ مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون ھنن چيو تہ جلد ھڪ ٻيو احتجاج حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي ڪيو ويندو, سنڌ جي مظلوم عوام سان ھميشہ ظلم ۽ جبر واري پاليسي کيڏي وئي آھي, سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجا حق نہ ٿا ڏنا وڃن, سنڌ جا ماڻھو روزگار لاء پريشان آھن,ھاڻي سنڌ جو پاڻي بہ کسيو وڃي پيو,جيڪو اسان ڪرڻ نہ ڏينداسين ھاڻي سنڌ جا ماڻھون سڄاڳ ٿي چڪا آھن, سنڌو مان ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو ھميشہ شاد ۽ آباد رھندو, ريلي ۾ شھرين وڏي پاران شرڪت ڪري سنڌو درياھ مان نڪرندڙ ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڪئنالن خلاف نعري بازي ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي سربراهه
STP
Indusriver
0 تبصرے