English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ پاران تڪراري ڪئنالن خلاف ميرپورساڪرو ۾ ريلي
80 views
|
24th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ميرپور ساڪرو پاران ساڪرو شهر ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، ساڪري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ "ڪئنال سمورا نامنظور – سنڌو تي ڌاڙو نامنظور" جا زوردار نعرا هنيا ويا.ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر رزاق چانڊيو، تعلقي صدر ٺارو خان شيخ، ھاري تحريڪ اڳواڻ دريا خان زئور، سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر بلاول لاشاري، مظھر لاشاري، ادريس پليجو، ضلعي اڳواڻ رياض عباسي، ايوب انڙ، سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي اگواڻ مجاھد بلوچ، عبدالله چانڊيو، سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي اڳواڻ فاضل بلاول لاشاري، عوامي تحريڪ ڪيٽي بندر جي صدر اسلم سمون، تعلقي گھوڙاباڙي جي صدر الله بخش بلوچ، لال چند مائسري، اقبال لاشاري، جبار لاشاري، نياز لاشاري، نياز خشڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ ساڪري جو صدر نويد لاشاري، ينگ سوشل نيٽورڪ جي اڳواڻ رزاق ڪلمت، سماجي اڳواڻ ڪي بي لاشار، عبدالغني عباسي، ڌڻي بخش لاشاري ۽ ٻين ڪئي. ريلي مين ساڪرو پوليس چوڪي کان نکتي شاھ لطيف چوڪ کان مين بس اسٽاپ تي پهتي، جتي مظاهرين ڌرڻو هڻي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.احتجاجي مظاهري دوران اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سازشي پاليسين ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي ڪنگال ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. اڳواڻن واضح ڪيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي علامت آهي، ان تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وفاق ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي عوام دشمن پاليسين تان هٿ نه کنيو ته سنڌ جا ماڻهو وڌيڪ سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا عوام ھنن کي ان لاءِ اسيمبلي ۾ موڪليو ھو ته ھو عوام جي حقن جي ڳالھ ڪندا پر ھتي ته ھئي سنڌي ماڻهن جي ساه جي رڳ سنڌو درياه کسڻ جي ڳالھ پيا ڪن جيڪا سنڌي ماڻهو کي ڪڏهن به قبول ناھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
سنڌو درياهه مان
0 تبصرے