English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھرڪ شھر جي سولنگي محلي واسين پاران پاڻي جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاج
86 views
|
13th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي)جھرڪ شھر جي سولنگي محلي جي رهواسين پاران پاڻي جي کوٽ ,صفائي۽ بجلي جي مسلسل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي ريلي سولنگي محلي کان نڪري مين بازار تائين پهتي، جنهن جي اڳواڻي وحيد سولنگي، بهادر سولنگي، نويد سولنگي ۽ سليم سولنگي ڪري رهيا هئا.احتجاج دوران مظاهرين پاران پبلڪ هيلٿ ٺٽو، حيسڪو ۽ واپڊا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته سندن محلو يونين ڪائونسل انتظاميا طرفان مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جتي نه پاڻي جي سهولت موجود آهي نه صفائي ۽ نه ئي بجلي جي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽ ملي رهي آهي، جنهن سبب محلي وارا سخت پريشان آهن. صحافين سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته هو پيپلزپارٽي جا ووٽر آهن، پر ان باوجود سندن علائقو بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هنن پيپلزپارٽي جي ايم اين اي صادق علي ميمڻ ۽ ايم پي اي رياض حسين شاهه شيرازي کان مطالبو ڪيو ته سولنگي محلي جي فوري سار سنڀال ڪئي وڃي. مظاهرين جو مطالبو هو ته سولنگي محلي کي نئين واٽر سپلائي اسڪيم مان پائپ لائين فراهم ڪئي وڃي، محلي ۾ صفائي جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي ۽ بجلي جي لوشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، جيئن علائقي واسي سڪون سان زندگي گذاري سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
جھرڪ شھر
0 تبصرے