English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي هفتيوار گڏجاڻي, سيد سلطان شاهه ساقي جي ڏهين ورسي 10 آگسٽ تي ملهائڻ جو اعلان
views
|
01st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس شاعر غفور شاھ تقوي جي صدارت ۾ ٿي گذريو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس شاعر غفور شاھ تقوي جي صدارت ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿيو .اجلاس ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي منظوري کان پوءِ سنڌ جي ناليواري شاعر مرحوم سيد سلطان شاهه ساقي جي ڏهين ورسي ۽ مشاعرو 10 آگسٽ 2025 آچر ڏينهن ملهاڻ جو اعلان ڪيو ويو.گڏجاڻي دوران شريڪ شاعرن پنهنجا نوان اسم پيش ڪيا، جن تي ادبي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تنقيدي جائزو ورتو ويو. صدارتي راءِ ڏيندي سيد غفور شاهه تقوي چيو ته شاخ ملير فقط گڏجاڻيون نه پر ڇهن مهينن ۾ ڇهه ڪامياب پروگرام ڪري ادبي ميدان ۾ پنهنجي سڃاڻپ جو اظهار ڪيو آهي. اسان تخليقي سٺن ماڻهن کي ميمبرشپ ڏئي رهيا آهيون، جيڪي اڳتي هلي سنگت لاءِ اهم خدمتون انجام ڏيندا.هن وڌيڪ چيو ته، اسان وٽ کوڙ سارا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام پينڊنگ ۾ پيل آهن، جيڪي وقت سر ترتيب ڏئي سنگت لاءِ نون سرپرائيزن جو سبب بڻجندا.گڏجاڻي جي ڪارروائي سنگت جي سيڪريٽري اصغر مھرائي هلائي، جڏهن ته گڏجاڻي ۾ مجيب سنڌي، قمبر ٻٽ، سڪندر سرواڻ، امداد لاشاري، عبدالخالق ڀٽي، سيد عنايت شاهه، سامي ميمڻ سميت ٻين شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير
0 تبصرے