English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻا، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي ۽ ٻيا به شريڪ
124 views
|
07th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)بدامني ۽ پوليس نااهلي خلاف ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ شٽر بند هڙتال، احتجاجي ريليون ۽ ڌرڻا، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي ۽ اڳوڻو صلاحڪار دوست محمد ميمڻ به ڌرڻي ۾ پهتا ،خبر موجب، ڪنري ۽ ڀرپاسي بدامني جي وڌندڙ واقعن خلاف ڪنري ۽ ٻسٽان ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي جنهن سبب اڪثر مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ ڪاروبار بند رهيو ڪيترن ئي هنڌن تي ٽائر ساڙي رڪاوٽون وجهي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي۔ جڏهن ته ڪنري جي مک آمريڪا چوڪ ۽ ٻسٽان جي مين چوڪ تي ڌار ڌار ڌرڻا هڻي سخت احتجاج ڪري نعريبازي پڻ ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن چيو ته علائقي ۾ بدامني، چوري ۽ ڦرن جي وارداتن جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي ڏينهن ڏٺي ڦرون پيون ٿين ۽ پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ آهي۔ مهلت باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيا ۽ نه ئي ڦر ٿيل سامان برآمد ڪيو هوڏانهن پي ٽي آئي اڳواڻ لال مالهي ۽ اڳوڻو صلاحڪار ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ پارٽي ورڪرن سان گڏجي ريلي جي صورت ۾ ڪنري واري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو لال مالهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنري جهڙي پرامن علائقي ۾ سازش تحت حالات خراب ڪيا ويا آهن عمرڪوٽ سميت سنڌ ۾ پوليس رڳو پروٽوڪول فورس بڻيل آهي انهي ڪري امن امان جي صورتحال تباھ، ڏوھ ۽ منشيات فروشي وڌي رهي آهي سنڌ ۾ پوليس جو 180 ارب روپيا بجيٽ آهي پر ڪارڪردگي نه هجڻ سبب اهو عوام جو پئسو ضايع پيو ٿئي عوام جي جان مال جي تحفظ بدران پوليس رڳو حڪمران ڌر کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آهي انهي ڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي هاڻي ڏوهاري منهن لڪائڻ بدران منهن کولي بنا خوف جي وارداتون ڪن پيا افسوس ته جنهن سي سي ٽي وي مان ڏوهارين جا فوٽيج ظاهر ٿيا اهي پوليس ۽ سندن ڪرتا درتا پاڻ سان گڏ کڻي لڪائي رهيا آهن ۽ پر اسان پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي اڪيلو ڪون ڇڏينداسين هر ممڪن ساٿ ڏنو ويندو احتجاج ڪندڙن چتاء ڏنو ته جلد ڏوهاري گرفتار ڪري امن امان بحال نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو هوڏانهن ٽائون ڪميٽي ڪنري جي چئيرمين حاجي شڪيل باجوا انتظامي عملدارن سان گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو تر ڪافي عرصي تائين پر امن ترين رهيو پر هئينر ڪجھ شرپسند عناصر ماحول خراب ڪن پيا تن کي ڪنهن صورت بخش نه ڪيو ويندو انشاالله ٻارنهن ڪلاڪن ۾ ڏوهاري گرفتار ٿيندا اسان پنهنجي علائقي جي ماڻهن سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين ماحول خراب ڪندڙ کي بخش ڪون ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۽ ٻسٽان
اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي
عمرڪوٽ
0 تبصرے