پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ پير عبدالرشيد لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت

پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ پير عبدالرشيد لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جو فرزند پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ پير عبدالرشيد لاڏاڻو ڪري ويو، ڪرڪيٽ گرائونڊ پي آءِ بي ڪالوني ۾ سندس نمازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق، ايم اين اي فاروق ستار، ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق، گوهر گروپ جي هيڊ هنيف گوهر، اڳوڻي آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي، مرحوم جو مڙهه جنازي نماز بعد پي آءِ بي ڪالوني ڪراچي ۾ سندس والد پير الاهي بخش جي مزار وٽ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو