ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون. 14 گٽڪو وڪرو ڪندڙن، 9 منشيات فروشن سميت 23 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل. 3070 پيڪٽ گٽڪو مائو، 1 موٽر سائيڪل، 220 بيگ، 70 ليٽر ڪچو شراب، 832 گرام چرس هٿ. تفصيل موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪمن تي ٺٽو پوليس پاران منشيات، ڏوهاري عنصرن، عادي مجرمن، گٽڪو ۽ مين پڙي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. ايس ايس پي ٺٽو جي حڪمن تحت (ٺٽو، مڪلي، ڪينجهر، جھرڪ، جھمپير، گهارو، ساڪرو، ڳاڙھو، ڪيٽي بندر، گھوڙاٻاڙي ۽ سي آءِ اي پوليس) مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪيون، جن ۾ 14 گٽڪو وڪرو ڪندڙ جوابدار فاروق ولد محمد بشير، راجا عمران ولد زاهد اقبال راجپوت، فدا حسين ولد محمد مراد بروهي، شريف ولد ڇچر ملاح، گلشير ولد يوسف ثويو، جاويد ولد علي ٻٻر، رفيق ولد صديق ميربحر، ڪوڍير ولد ممتاز جوکيو، رمضان ولد غلام جوکيو، حسين ولد سومار خاصخيلي، مامون ولد سومار خاصخيلي، واحد بخش ولد محمد ايوب ڀايل، عبدالجبار ولد گل محمد جاڙو، علي محمد ولد خميسو ميربحر، ۽ 9 منشيات فروش جوابدار جاويد ولد عبدالرحيم ميمڻ، ڀليڏنو ولد غلام رسول شيخ، علي حسن ولد الله رکيو پنھور، ارباز خان ولد وسيم جوکيو، ڪامران ولد ولي محمد بڪيرو، سڪندر ولد غلام رسول ملاح، زينل ولد خميسو ملاح، رشيد ولد غلام محمد دڦراڻي، علي محمد ولد ڪارو ملاح کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 3070 پيڪٽ گٽڪو ماوا، 1 موٽر سائيڪل، 220 بيگ، 70 ليٽر ديسي شراب، 1 موٽر سائيڪل ۽ 832 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. جوابدارن خلاف قانوني ڪارروايون ڪندي لاڳاپيل ٿاڻن تي گٽڪو ايڪٽ، منشيات آرڊيننس ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
0 تبصرے