ڪراچي: نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ خوردني تيل جي صنعتن لاءِ تيل جي فورٽيفڪيشن، ان جي معيار جي ضمانت ۽ معيار جي ڪنٽرول بابت تربيتي پروگرام ڪوٺايو ويو. پروگرام ۾ پي وي ايم اي (PVMA) جي چيئرمين، نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ماهرن، ڪراچي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي پروفيسرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
تربيتي پروگرام جو مقصد مل مالڪن کي کاڄرو تيل جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ هو، ته جيئن عوام لاءِ غذائيت سان ڀرپور تيل جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.
پي وي ايم اي جي چيئرمين عمر ريحان نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران کاڄرو تيل جي فورٽيفڪيشن ۽ پاڪستان ۾ ملز عملدارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته
کاڄرو تيل جي فورٽيفڪيشن هر مل لاءِ لازمي آهي ۽ هر بيچ ۾ وٽامن اي ۽ ڊي شامل هجڻ گهرجن."
هن مل وارن تي زور ڏنو ته اهي ريگيوليٽري اٿارٽيز جي مقرر معيارن تي عمل ڪن ۽ پاڪستان ۾ غذائيت واري کاڄرو تيل جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ايڊيبل آئل فورٽيفڪيشن ڪامپوننٽ لاءِ نيشنل پروگرام مينيجر، حفيظ الله گمڀير، پنهنجي اداري جي وابستگي جو اظهار ڪندي چيو ته
"نيوٽريشن انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل رهنمائي، تربيت ۽ آگاهي ذريعي مل جي عملي جي مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور تيل جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.
ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر غفران سعيد شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي چيو ته، "غذائيت سان ڀرپور خوراڪ ۽ تيل جي فورٽيفڪيشن اڄ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ کليل تيل ۽ غيرمتوازن خوراڪ غريب عوام کي وڏي پيماني تي متاثر ڪيو آهي."
هي تربيتي پروگرام کاڄرو تيل جي صنعتن لاءِ نهايت معلوماتي ۽ فني نوعيت جو هو. پي وي ايم اي جي چيئرمين نيوٽريشن انٽرنيشنل سان تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائيندي غريب ماڻهن لاءِ محفوظ خوراڪ فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو. هن نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اين ائي نيڪ مقصد لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي.
0 تبصرے