English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
کاڄرو تيل جي فورٽيفڪيشن لازمي قرار، نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران ملز عملي لاءِ تربيتي ورڪشاپ
views
|
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي؛ نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ خوردني تيل جي صنعتن لاءِ تيل جي فورٽيفڪيشن، ان جي معيار جي ضمانت ۽ معيار جي ڪنٽرول بابت تربيتي پروگرام ڪوٺايو ويو. پروگرام ۾ پي وي ايم اي (PVMA) جي چيئرمين، نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ماهرن، ڪراچي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي پروفيسرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. تربيتي پروگرام جو مقصد مل مالڪن کي کاڄرو تيل جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ هو، ته جيئن عوام لاءِ غذائيت سان ڀرپور تيل جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. پي وي ايم اي جي چيئرمين عمر ريحان نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران کاڄرو تيل جي فورٽيفڪيشن ۽ پاڪستان ۾ ملز عملدارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته کاڄرو تيل جي فورٽيفڪيشن هر مل لاءِ لازمي آهي ۽ هر بيچ ۾ وٽامن اي ۽ ڊي شامل هجڻ گهرجن." هن مل وارن تي زور ڏنو ته اهي ريگيوليٽري اٿارٽيز جي مقرر معيارن تي عمل ڪن ۽ پاڪستان ۾ غذائيت واري کاڄرو تيل جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ايڊيبل آئل فورٽيفڪيشن ڪامپوننٽ لاءِ نيشنل پروگرام مينيجر، حفيظ الله گمڀير، پنهنجي اداري جي وابستگي جو اظهار ڪندي چيو ته "نيوٽريشن انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل رهنمائي، تربيت ۽ آگاهي ذريعي مل جي عملي جي مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور تيل جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪراچي يونيورسٽي جي فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر غفران سعيد شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي چيو ته، "غذائيت سان ڀرپور خوراڪ ۽ تيل جي فورٽيفڪيشن اڄ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ کليل تيل ۽ غيرمتوازن خوراڪ غريب عوام کي وڏي پيماني تي متاثر ڪيو آهي." هي تربيتي پروگرام کاڄرو تيل جي صنعتن لاءِ نهايت معلوماتي ۽ فني نوعيت جو هو. زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ڊپارٽمينٽ فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايسوسئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فاطمه ميانو نیوٽريشن انٽرنيشنل پاران ٿيندڙ تربيتي پروگرامن کي ملز مالڪن ۽ عوام جي صحت لاءِ مثبت قدم قرار ڏيندي چيو ته ماڻهو غربت سبب صحت لاءِ ھاڃيڪار کليل تيل استعمال ڪري رهيا آهن، اين ائي ملز مالڪن کي اها ئي تربيت ڏئي رهي ته گهٽ قيمت ۾ تيل کي معياري بڻايو وڃي ته جيئن غريب ماڻهو پيڪنگ وارو تيل خريد ڪري پنهنجي صحت کي بچائي سگهن. پي وي ايم اي جي چيئرمين نيوٽريشن انٽرنيشنل سان تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائيندي غريب ماڻهن لاءِ محفوظ خوراڪ فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو. هن نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اين ائي نيڪ مقصد لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
کاڄرو تيل جي فورٽيفڪيشن
نيوٽريشن انٽرنيشنل
PVMA
0 تبصرے