ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊيءَ جو اجلاس صدر بلاول سمون جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ٺٽي ۾ وڌندڙ انتظامي ناڪامين، سماجي بگاڙ، ۽ عوامي مسئلن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي سميت ، علي حيدر سومرو ،خالد ڪيھر ،زاھد امير جوکيو ،شبير مانجھند ،اي بي شورو ،عدنان سمون ،حفيظ چنڊ ،مختيار جان چانڊيو ،نقاش مسيح ،حفيظ نھڙيو ،عبيدجماري ،ڪامريڊ زاھد جوکيو ، مظھر علي ،بلاول ٻاٻڙو ء ٻين سمورن ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران تعليم ۽ صحت جي تباهي بابت ڳالھ ٻولھ ڪندي ٻڌايو ويو ته ضلعي ٺٽي جا سوين اسڪول عمارتن کان محروم، استاد غير حاضر، ۽ تعليم جو معيار انتهائي ڳڻتي جوڳي سطح تي پهچي چڪو آهي. ٻئي طرف ضلعي اسپتالن ۾ دوائون، ايمرجنسي سروسز ۽ اسٽاف جي کوٽ سبب مريض تڪليفن ۾ مبتلا آهن. اجلاس ۾ ان تي به شديد خدشو ظاهر ڪيو ويو ته ضلعي جي قيميتي وسيلن، ڪينجهر ڍنڍ، اسڪولن، اسپتالن، قبرستانن ۽ سرڪاري عمارتن تي منظم انداز ۾ قبضو ڪيو ويو آهي. بااثر ڌريون سياسي پٺڀرائيءَ سان زمينن جي وڪري ۽ غيرقانوني پلاٽنگ ۾ مصروف آهن. اجلاس ۾ تمام گهري تشويش جو اظھار ڪندي چيو ويو ته ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چرس، آئيس، هيروئن، ۽ گٽڪي جهڙين منشيات جو واپار آزاديءَ سان جاري آهي. منشيات وڪرو ڪندڙ ماڻهن کي مقامي سطح تي تحفظ حاصل آهي، جنهن سبب اسڪولي ٻار به ان لت جو شڪار ٿي رهيا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاموشي ۽ نالي ماتر ڪارروائيون ان عمل کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آھن . اجلاس دوران ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته ضلعي ۾ چورين، موٽرسائيڪل ڦرن، گهرن ۾ ڌاڙن، موبائل فون ڦرڻ جا واقعا عام ٿي ويا آهن. پوليس جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪن آهي، ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ، متاثرن کي عدالتن جا چڪر لڳائڻ ۽ جوابدارن جي جلد آزاديءَ سبب عوام جو نظام تي اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. انکانسواء عورتن سان ظلمن، ٻارن سان زيادتين، ۽ تحفظ بابت انتظاميا جي بي حسي اجلاس جو اهم موضوع رهي. ميمبرن جو چوڻ هو ته عام ماڻهون اڄ به قانوني تحفظ ۽ جلد انصاف کان محروم آهن. عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري، ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان فوري طور تي هي مطالبا ڪيا ويا. منشيات وڪرو ڪندڙ ڌرين خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪري ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي. پوليس کاتي جي سڌاري لاءِ لوڪل مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪيو وڃي. تعليم، صحت، ۽ قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگيءَ بابت سالياني رپورٽ جاري ڪئي وڃي. ضلعي وسيلن تي قبضا ختم ڪري مقامي ماڻهن جي رسائي يقيني بڻائي وڃي. صحافت سان لاڳاپيل ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي جيڪي انهن معاملن کي اجاگر ڪري رهيا آهن. آخر ۾ سخت تشويش جو اظھار ڪندي اھو مطالبو ورجايو ويو ته ٺٽو سنڌ جو تاريخي خطو ۽ ثقافتي دل آهي، پر موجوده وقت ۾ هي ضلعو بيروزگاري، منشيات، ڪرپشن، قبضاگيري، بدامني، ۽ تعليمي زوال جو شڪار آهي. جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته اها صورتحال انساني الميي جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿي.
0 تبصرے