English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي جي سينئر صحافي سرور گاڏھي جي نائين ورسي سادگي سان ملھائي وئي
views
|
09th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سينئر صحافي سرور گاڏھي قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ربن خان گاڏھي ۾ 16آگسٽ 1968ع تي جنم ورتو
لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي جي سينير صحافي غلام سرور گاڏھي جي نائين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي ورسي سندس اباڻين ڳوٺ ربن خان گاڏھي ۾ ٿي جنھن ۾ سياسي سماجي ماڻھن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ورسي جي شرعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ قرآن خواني ذريعي ٿي صحافي غلام سرور گاڏھي لاڙڪاڻي جو سچو ۽ جاکوڙ صحافي ھو ان پنھجي قلم ذريعي لاڙڪاڻي جي مظلوم ۽ بي سهاري عوام جو آواز اعلي ايوانن تائين پھچايو ۽ سندس جي ڏنل فرضن کي اڄ ب لاڙڪاڻي جو عوام ساراھي ٿو صحافي غلام سرور گاڏھي مخطلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلن سان لاڳاپيل ھو جنھن ۾ سکر مان شايع ٿيندڙ اردو اخبار روزناما (يادگار) ۽ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ روزاني (اخبارنو) اردو چينل (گوڊنيوز) ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن سان لاڳاپيل ھو صحافي غلام سرور گاڏھي کي پنج پٽن ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد آھي سندس جي رھائش لاڙڪاڻي جي ايئرپوٽ روڊ محلا الھ آباد ۾ ھئي جڏھن ت صحافي جي اصل جنم ڀومي ضعلي قمبر شھداد ڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد۾ ٿي ان پنھنجي اباڻين ڳوٺ ربن خان گاڏھي ۾ تاريخ 16/8/1968 ۾ جنم ورتو سندس والد جو نالو سرائي علي گوھر گاڏھي ھو جيڪو علائقي جو ھڪ ننڍو زميندار ھو صحافي غلام سرور گاڏھي شروعاتي پرائمري تعليم نصيرآباد مان ورتي بعد ۾ ھو لاڙڪاڻي شفٽ ٿيو لاڙڪاڻي مان ھن تعليم مڪمل ڪري پوء ھن صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو جنھن بعد ان کي سٺي شھرت ۽ عزت ملي صحافي غلام سرور گاڏھي پنھنجي حياتي جا ويھ سال صحافتي شوبي کي ارپيا، غلام سرور گاڏھي ڪامڻ جھڙي موزي مرض ۾ مبتلا ھو /20/7/2012/ تي سندس تبعيت اچانڪ خراب ٿي صحافي غلام سرور گاڏھي کي چانڊڪا اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران صحافي جا ٻئي گڙدا فيل ٻڌايا جنھن بعد صحافي کي ڳڙتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو، صحافي جو ڪراچي جي S.I.U.T اسپتال مان ڊائلسس ذريعي ڪجھھ عرسو علاج پئي ھليو پر افسوس ھو، اسلامي تاريخ 14 محرم الحرام 1438ھجري تي ان پنھنجي زندگي جا ڏينھن پورا ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سينئر صحافي سرور گاڏھي
لاڙڪاڻو
0 تبصرے