تازو ھڪڙي شناختي تختي جنھن تي وتائي فقير جي مزار جي موجود هئڻ جي نشاندھي لاءِ روڊ تي لڳائي ويئي آھي. تنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان جيڪا ويڌن ڪئي ويئي آھي. سا توھان پاڻ تصوير ۾ اکين سان ڏسي سگهو ٿا.
ان شناختي تختيءَ تي لکيو ويو آھي.
“وتايو فقير رحمـۃ اللہ عليہ ڍپٽي کمشنر ٽنڊو الھيار”
ھن ۾ ڊپٽيءَ کي ڊ بدران ڍ سان ڍپٽي ڪري لکيو ويو آهي جڏهن تہ ڪمشنر کي اردو لپيءَ موجب کمشنر لکيو ويو آهي. ٻئي لفظ غلط لکيا ويا آھن. سنڌي اردو لپين کي گڏي استعمال ڪيو ويو آهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. جھڙوڪ: لکڻ وارو سنڌي ٻوليءَ کان اَسُونھون ھئڻ يا لکائيندڙ جو سنڌي نہ ھجڻ. يا ھٿرادو ڪوتاھي ڪري سنڌي ٻوليءَ جو واھپو گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ يا بورڊ جو بنا معاوضي لکائڻ يا سنڌيءَ ٻوليءَ سان سڌو سنئون ساڙ ھئڻ وغيره.
سائن بورڊ تي جيڪڏھن رحمـۃ اللہ عليہ نہ لکيل ھجي تہ ھرڪو وتائي فقير کي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الھيار سمجهندو. نہ ڪي ان جي قبر يا مزار جي آگاھي تختي.
ھئڻ تہ ائين کپندو ھو تہ لکائڻ واري کي لکت ۾ مواد پينٽر کي ڏيڻ کپندو ھو. جيئن لکڻ وارو صحيح لکڻ ۾ ڪا ڪوتاھي نہ ڪري. تجربو رھيو آھي تہ لکڻ وارو سنڌي ڄاڻندو ھجي يا نہ. پر جيڪڏھن ان کي لکت ۾ مواد ڏبو آھي تہ ھو انهيءَ ئي نموني ۾ لکي ڏيندو آھي. ھي تہ ھٿ سان ٺھيل آھي. جنھن کي لکڻ ۾ ڪنھن بہ غلطيءَ جي گنجائش نہ ھئڻ گهرجي. جو لکندڙ جي آڏو لکت موجود ھوندي آھي. بس ھن کي صرف ڏسي اتارڻو پوندو آھي. پر جيڪڏھن ڪمپيوٽر واري کان لکائبو آھي. تہ بہ جي ان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻولي داخل نہ ھوندي آھي،. تہ بہ ھو اردو لپيءَ ۾ بہ نقطا ۽ ٻيون سنڌي اکري نشانيون اردوءَ مان مختلف نمونن سان لکي ڏيندو آھي. جنھن مان محسوس ئي نہ ٿيندو آھي تہ ڪو ھيءَ لکت اردولپيءَ تان جوڙي وئي آھي.
اوھان جي ڄاڻ لاءِ عرض آھي تہ ھي ٽنڊو الھيار جي بلڪل بہ ڀر ۾ چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي حيدرآباد روڊ تي واقع آھي. يعني نج سنڌي علائقي ۾ جتي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي اسڪول، سنڌي ماڻهو رھن ٿا. اتي سنڌي ٻوليءَ سان اھڙو حشر ڪيو ويو آھي تہ توھان ڇا ٿا سمجهو سنڌ جي وڏن شھرن ۾ جتي غير سنڌي ٻوليءَ وارن جي اڪثريت آھي. اتي ڪھڙو حشر ھوندو!
روڊن جا سائن بورڊن ۽ ڪلوميٽر اسٽون جا ٺيڪا اڪثر ڪري هاءَ وي کاتي طرفان ڏنل هوندا آهن. جن جي پوري پوري ذميواري ٿئي ٿي ته اهي. سائين بورڊن کي لڳائڻ کان پهرين انهن جي تصديق ڪن ته واقعي بورڊ صحيح لکيل آهن يا نه. جي صحيح لکيل آهن، ته ٺيڪ. جي غلط آهن ته انهن جي درستگي ڪرائي پوءِ نصب ڪيا وڃن. جنهن سان هر عام توڙي خاص، مقامي توڙي غير مقامي ماڻھو سائين بورڊن وسيلي درست معلومات ماڻي سگھن. ان کان سواءِ جن ادارن طرفان درگاهن، تاريخي مقامن، سرڪاري آفيسن جو ڪم ڪرايو ويندو آهي. انهن جي پاران پڻ سائن بورڊ نصب ڪيا ويندا آهن. انهن جي پڻ اها اولين ذميواري آهي ته هو درست معلومات ۽ لکت (ڪهڙي به ٻوليءَ ۾ هجي) درست ان ٻوليءَ ۾ ئي لکن، ته جيئن ڄاڻ ۾ ڪا غلط ڄاڻ حاصل نه ٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻھن کي ته خبر هوندي آهي. پر غير مقامي ماڻھو يا سياح جيڪر ان مقام جو دورو ڪندو ته ان کي تلفظ جي غلط هئڻ ڪري، ڄاڻ به غلط ئي حاصل ٿيندي. جيڪا هو اڳتي وڃي جتي جو هوندو اتي ونڊ ڪندو. اهڙي نموني هڪ صحيح ڳالھ کي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري غلط ڪري پکيڙيو ويندو. جيڪو ڪجھ وقت اڳتي هلي محققن لاءِ مونجھاري جو سبب بڻجندو.
اسان جي سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ جي ادارن خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين ادارن جھِڙوڪ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ٻوليءَ لاءَ قائم ڪيل بزمون، انجمنن، ساھت گهرن، منڊلين وغيرہ کي گهرجي تہ ھو پنھنجي سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي ضلعن جي بالا آفيسرن جھڙوڪ: ڊپٽي ڪمشنرن، تعليمي ضلعي آفيسرن، اطلاعات ۽ ثقافت کاتي جي آفيسرن سان لک پڙھ ڪري، انھن کي باور ڪرائين تہ ھو سندن نگراني ھيٺ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ ماتحت طبقن تي سنڌي ٻوليءَ تي پورو پورو ڌيان ڏيئي، غلط لڳل سائن بورڊن ۽ ٻئي ھر قسم جي تشھيري مواد جي نگراني ڪرڻ لاءِ باقاعدي سنڌي ٻوليءَ جي ماھرن تي مشتمل ھڪڙي ڪميٽي جوڙي، ان حوالي اھو ڪم سونپين ۽ ان جي اجازت کان پوءِ اھي روڊن ۽ دڪانن تي لڳائين.
ان سان ئي پنھنجي مادري ٻولي ۽ ڀونءِ جي نج آواز جي پوري پوري نگراني ٿي سگهندي. ھر سرڪاري توڙي نجي ادارن، شھرن، ڳوٺن، دڪانن، ڪارخانن جي مشھوري ۽ سڃاڻپ لاءِ ٺھندڙ بورڊن، پينافليڪسن، شيٽن، پلي ڪارڊن بينرن، پمفليٽن ۽ ٻئي مواد کي سنڌيءَ ۾ درست لکت تي ڌيان ڏنو ويندو. ان سان ئي سنڌي ٻوليءَ جي سونھن برقرار رھي سگهندي.
نه فقط ڄاڻايل ادارن جي ذميواري آهي، پر هر ان ماڻھوءَ جي ذميواري پڻ آهي، جيڪو سنڌي لکي، پڙهي ۽ ڳالھائي ٿو. ان جي به اها ذميواري آهي، ته هو پنهنجي پاڙي، ڳوٺ، شهر ۽ علائقي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ شناختي تختين تي نظر رکن. جتي انهن کي غلطي محسوس ٿئي ته ان جي لاڳاپيل فردن يا ادارن وٽ نشاندهي ڪري، درستگي ڪرائي. ان کان سواءِ هر ان ڪمپنيءَ کي جيڪا پنهنجي وکر جي تشهير لاءِ شناختي تختيون جوڙائي ٿي يا دڪاندارن کي انهن جي نالن جا پينافليڪس ۽ بورڊ ٺهرائي ڏين ٿا. انهن کي پڻ هن معاملي ۾ محتاط رهڻ گھرجي. ڪنهن به ٻوليءَ کي بگاڙڻ جو ڪارڻ نه بڻجن. نه ئي ڪنهن ٻوليءَ جي لکت کي بگاڙن جا ذميوار بڻجن. انهن کي پڻ هر ان بورڊ ۽ پينافليڪس کي جيڪي اردو علائقن ۾ لڳن ٿا ته اردوءَ ۾ لکن ۽ جيڪي سنڌي آباديءَ ۾ لڳن ٿا ته انهن کي سنڌيءَ ۾ لکن. جنهن سان کين ئي فائدو پهچندو. جو هو جنهن به وکر جي مشهوري ڪرڻ چاهين پيا، تنهن جي فضيلتن ۽ خوبين کان علائقي واسي آسانيءَ سان واقف ٿي سگھندا. ۽ ان واقفيت جي آڌار تي وکر جو واهپو وڌندو. جنهن جو نفعو انهن ادارن کي ئي ٿيندو.
0 تبصرے