مورو ڏيپارجا واسين جو بااثر وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏيڍ مهيني کان نوجوان گم آهي، خدشو آهي ته کيس ماجد عباسي قتل ڪري ڇڏيو آهي: وارث

مورو  ڏيپارجا واسين جو بااثر وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرو

مورو(جاني جماڻي) مورو ويجھو ڏيپارجا واسين جو مورو پريس ڪلب اڳيان پرسرار نموني گم ٿيل نوجوان ميرخان ملاح جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنھن جي اڳواڻي پيءُ قاسم ملاح، چاچو سڄڻ ملاح، سؤٽ حبيب الله ملاح، علي منظور ملاح، ذوالفقار ملاح، محمد عيسي ملاح، غلام نبي ملاح، دلدار ملاح ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. جتي ھنن چيو تہ اسان ڏيپارجا شھر جا رھواسي آھيون اسان جي 16 سالن جي نوجوان مير خان ملاح کي ڏيڍ مھينو اڳ بااثر وڏيرو ماجد ملاح ملازمت ڏيڻ جي جو چئي ڪراچي وٺي ويو ھو جتان اسان جو نوجوان گذريل ڏيڍ مھيني کان لاپتا آھي جنھن جو ڪو ڏس پتو ناھي. جڏھن ته گھڻو زور رکڻ تي وڏيرو ڏيپارجا ۽ ڪراچي وارو گھر خالي ڪري نامعلوم ھنڌ لڪي ويو آھي. اسانکي کي خدشو آھي تہ کيس قتل ڪري گم ڪيو ويو آھي ھنن وديڪ چيو تہ بااثر وڏيرو ماجد حسين عباسي سندس ڀائر راشد، شاھد، ساجد عباسي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيا آھن. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو تہ جيڪڏھن اسان کي نوجوان 24 ڪلاڪن اندر ظاھر ڪري نه ڏنو ويو ته اسان انتھائي قدم کڻڻ لاءِ تيار ھونداسين ۽ پاڻ ساڙينداسين جنھن جا ذميوار مذڪورا ماڻھون ۽ انتظاميا ھوندي.