هيء تصوير آءٗ پاڻ ٺاهي آهي ۽ هي تصوير سماجي ناانصافي ۽ طبقاتي ورهاست کي ظاهر ڪري ٿي. ۽ مون کين ان جي وضاحت ڪجهه ائين ڪئي آهي:
پهريون منظر : هڪ سهڻو، پر خشڪ ٿي ويندڙ باغ جو حصو، جتي وڻن ۽ ولين جا پاڇا آهن. ائين محسوس پيو ٿئي جيئن ان جي ڪا به سار سنڀال نه ڪرڻ جي ڪري کين سڙي تباه ٿي چڪو آهي ۽ جيئن ڪنهن کي پرواه نه هجي. اوهان ان کي پنهنجي معاشري سان ملائي سگهو ٿا ۽ ڪجهه اهڙي ئي وجوهات جي ڪري اسان جي ماشري جو حال به ڪجهه ائين ئي نظر پيو اچي.
مٿانهون طبقو : تصوير جي اڳيان ۽ وچ تي، هڪ شاندار لباس ۾ ملبوس مرد ۽ هڪ عورت نظر اچن ٿا پيا مرد بي پرواهيءَ سان، مسڪرائيندي، هڪ سهڻي گل کي لتاڙي رهيو آهي ان مان ظاهر آهي ته هي خوشين، احساسن، اميدن ۽ آزادي جو قتل بغير ڪنهن پرواه جي ڪري رهيو آهي. ۽ ان جي چهري تي ڪنهن جو ڪو ڊپ عيان نه آهي يعني اهو ان شئي کان واقف آهي ته اگر هو ڪنهن جون خوشيون، اميدون، ۽ احساسن کي لتاڙي ڇڏي تڏهن به ڪو ڪُڇڻ وارو ڪونه هوندو. ان جي قريب ئي هڪ عورت به خوشيءَ سان چانھ جو ڪپ پيئندي، هن منظر کان مڪمل طور تي بي خبر ۽ غافل نظر اچي رهي آهي. ان جو رويو آرامده ۽ مغرور آهي حالانڪه هوء عورت واقف آهي پر ان جي رويي ۽ انداز ۾ بي حسي نمايان آهي يعني اها عورت ان مرد جي ان عمل کان واقف هوندي به لطف اندوز ٿي رهي آهي جيئن اسان جي معاشري ۾ ٿيندو آهي.
هيٺيون طبقو : سندن قدمن جي هيٺان، گهٽ-اهميت واري جڳھ تي، ڪيترا ئي ڪمزور، بي بس، ويچارا، لاچار، ۽ پريشان منهن وارا ماڻهو آهن. اوهان انهن کي غريب عوام جو نالو ڏئي سگهو ٿا پيا. انهن جي ڏيک مان ئي انهن جي ڪيفيت ظاهر آهي ۽ ظاهر آهي ته اهي آواز ڪونه ٿا اٿاري سگهن ۽ چپ چاپ ظلم کي برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن يا شايد ڪيا ويا آهن ان جو مثال اسان جي معاشري ۾ صاف ظاهر آهي. هڪ ماڻهو وڏي مايوسيءَ ۽ بي بسي سان پنهنجي هٿن ۾ ٽٽل شيشي جو ٽڪر کڻي ۽ حسرت واري نگاه سا ڏسي رهيو آهي (جنهن کي خوابن، اميدن، حسرتن، ۽ احساسن جي طور سمجهي سگهجي ٿو) ۽ کين پوء به خاموش آهي،
ان ۾ هڪ ماڻهو کين پاڻ بچائڻ لاء ڊوڙي رهيو آهي ۽ پويان ڪجهه سفاڪ نما انسان تشدد ڪندا پيا اچن ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يا ان انسان پنهنجي حقن لاء آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ۽ يا ڪنهن جي خلاف حق سچ چئي ويو هوندو. يا اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان شخص کي ڏڄائي، ڌمڪائي خاموش ڪرايو پيو وڃي.
علامتي تفصيل: پس منظر ۾ هڪ وڏي ۽ ٽٽل عمارت آهي، جيڪا شايد سماجي ڍانچي جي تباهي ۽ اميدن جي ڀڃڪڙي کي ظاهر ڪري ٿي. جنهن جو ڏيک بي حسي، لاپرواهي، ظاهر ڪري ٿو ۽ خاردار ٽاريون ۽ سڪل زمين چار ئي طرف آهي مطلب اتي آباد ٿيڻ ممڪن ناهي اگر ٿي به وڃجي ته خوشحال زندگي ناممڪن آهي ۽ ان جو منهن صرف تباهي ڏانهن آهي.
اها تصوير مجموعي طور تي مٿانهين طبقي جي عيش و عشرت ۽ تفريح ۾ غرق ٿيل بي پرواهيءَ کي ۽ هيٺين طبقي جي لتاڙيل احساسن ۽ خوابن کي ڏيکاري ٿو، مٿانهون طبقو پنهنجي عياشي ۽ بي حسيءَ ۾ غرق آهي، ۽ هتي اميرن جي دسترخوان جو ٽيبل ٽنگن تي نه غريب عوام جي ڪلهن تي سجايل آهي، ۽ سڄو سماجي ڍانچو (سڪل باغ ۽ ٽٽل عمارت) جيان تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي. هيٺيون طبقو لاچاريءَ ۽ خاموشيءَ ۾ ظلم برداشت ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪندڙ کي دٻايو پيو وڃي.
۽ ائين ئي دنيا جي هلندڙ چرخي ۾ هر مٿانهين طبقي جو شخص پنهنجي زندگي جي تفريح ۽ عيش و عشرت ۾ ايڏو محو ٿي ويو آهي جو هو پنهنجي آس پاس اهو ڪونه ٿو نهاري ته ڪٿي ان جي قدمن هيٺان ڪنهن غريب ۽ لاچار جا ڪي خواب ڪي خواهشون ڪي حسرتون ۽ ڪي احساسات ۽ ڪنهن جو عزت نفس ته ڪونه ٿا لتاڙيا وڃن۔
ائين ئي هر گهٽ طبقي وارو مٿانهين طبقي جي قدمن هيٺان لتاڙيو ٿو وڃي ۽ اُھو آواز اٿاري به ته آخر ڪيئن؟ ڇو تہ اها ان جي وس جي ڳالهه ئي ناھي!
0 تبصرے