سنڌ جي ڪنهن به شهر توڙي ڳوٺ ۾ عام صحافي, وڪيل, ڊاڪٽر, استاد سميت ڪوبه عام شهري محفوظ ناهي: اڳواڻ
شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور لڳ لکي غلام شاهہ ۾ شھيد صحافي امتياز ميرڀنگر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ تعلقه پريس ڪلب (رجسٽرڊ) جي پليٽ فارم تان صدر عبدالرزاق مھر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي احتجاجي مظاھرو مسجد علي شاھي بازار کان بس اسٽينڊ تعلقه پريس ڪلب لکي غلام شاهہ تائين ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين،صحافين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران شرڪت ڪئي وئي جنھن ۾ شڪارپور ڊسٽرڪٽ سوشل فورم جي ڪنوينر عبدالسميع بلالي،جسقم چيف آرگنائيزر اسلام الدين لوھر ڪامريڊ طالب حسين لوھر،غلام ياسين ڪنڀر،اسٽيپ فائونڊيشن سکر جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ،گسٽا اڳواڻ تعلقه لکي پرنسپال احسان الله ابڙو،استاد حبيب الله ميمڻ،ھدايت الله مھر، جي يو آء تعلقه لکي جو امير آصف علي جاگيراڻي،محمد شيرمحمد جماعت اسلامي ضلع شڪارپور جو نائب صدر عبدالفتاح سھندڙو پي ٽي آء تعلقه لکي جو صدر عبدالواحد ڀٽو شھيد ذوالفقار ڀٽو جو اڳواڻ سعيد احمد سومرو،منصور ڀٽوايم ايس تعلقه اسپتال لکي خادم حسين ڀٽي،عبدالقيوم مھر،ڊاڪٽر صفدر علي ميمڻ،بئريسٽر ٽيم شڪارپور جو جنرل سيڪريٽري سعيد احمد خروس،ميمبر جاني جتوئي،سينيئر صحافي عبدالرزاق بروهي،جميل احمد مھر،پپن جاگيراڻي،فھيم احمد جمالي، گل منير،نثار جاگيراڻي،ھدايت الله مھر،زيب جوکيو،غلام ياسين مھر،فھيم منگي،مجاھد ھڪڙو،محمد عثمان ڀنڀرو، تعلقه پريس ڪلب لکي جي جنرل سيڪريٽري گوگي رام،سينيئر نائب صدر نذير حسين ميمڻ،جوائنٽ سيڪريٽري محمد صديق شر،رابطا سيڪريٽري فراز عباس ميمڻ، آفيس سيڪريٽري غلام ياسين پيرزادو،ميمبر عبدالحق سيٺار،ميمبر سڪندرعلي جوڳي،ڪيمرا مين ڌرتي ٽي وي نريش ڪمار ريلي ۾ شريڪ ٿيا جتي اڳواڻن شهيد صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ زوردار نعريبازي پڻ ڪئي, ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ اندر قانون نالي ڪا شيءِ ناهي, اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جي ڪنهن به شهر توڙي ڳوٺ ۾ عام صحافي, وڪيل, ڊاڪٽر, استاد سميت ڪوبه عام شهري محفوظ ناهي, ڪراچي جي صحافي امتياز مير جو بيدردي سان ٿيل قتل به انهي تسلسل جي ڪڙي آهي, اسان سينيئر صحافي امتياز مير سميت جيڪي به صحافي قتل ڪيا ويا آهن انهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا۽ قاتلن جي جلد گرفتاري جي گھر پڻ ڪيون ٿا هنن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ سميت شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي, جنهن ڪري اسان گهر ٿا ڪريون ته وڏي وزير کان بنادير استعيفي ڏياري ان کي گهر وڃڻ گهرجي, اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آرمي چيف سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سينيئر صحافي امتياز مير جي قتل ڪيس ۾ گهربل سمورن جوابدان کي بنادير گرفتار ڪري صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
0 تبصرے