English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شموليتي ترقي ۽ نوجوانن جو بااختيار ٿيڻ سنڌ جي پائيدار مستقبل جي ضمانت آهي، زرعي يونيورسٽي سيمينار
103 views
|
14th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊوڄام : تدريسي ۽ سماجي ماهرن چيو آهي ته سماجي شموليت ۽ نوجوانن جو بااختيار ٿيڻ سنڌ جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا ۽ نوجوانن جي تعليم، جدت ۽ برادرين جي اوسر ۾ ڀرپور شموليت وقت جي اهم ضرورت آهي، هي ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اي۔ايم۔ شيخ آڊيٽوريم ۾ “پائيدار ترقي لاءِ سماجي شموليت ۽ نوجوانن جو بااختيار ڪرڻ” جي عنوان سان ٿيل سيمينار ۾ ڪئي ويئي۔ هي پروگرام اسٽوڊنٽس–ٽيچرز اينگيجمينٽ پروگرام تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ حڪومت سنڌ جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو۔ سيمينار ۾ شاگردن، استادن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ نوجوان اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پنهنجي اهم خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته پاڪستان جو مستقبل اهڙي سماجي طور شامل ۽ بااختيار نوجوان نسل تي دارومدار رکي ٿو، جيڪو علم ۽ همدردي ذريعي جدت، امن ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو،هن چيو: “اسان جا گريجوئيٽس مستقبل جا اڳواڻ، جدت آڻيندڙ ۽ پاليسي ساز آهن۔ اسان جي ذميواري آهي ته کين علم، اعتماد ۽ مساوي موقعا ڏيون ته جيئن هو سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن، هن زور ڏنو ته سماجي شموليت جو مطلب اهو آهي ته سماج جي هر طبقي کي، جنس، علائقي يا معاشي پس منظر کان سواءِ، تعليم، موقعن ۽ فيصلا سازي ۾ برابر حصو ڏنو وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي گهرجي ته هو نوجوانن کي ذميوار شهري بڻائڻ ۾ اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪن، جيڪي وائيي منڊل، برداشت ۽ جدت جا علمبردار هجن، ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ صرف ڊگريون يا نوڪريون ڏيڻ تائين محدود ناهي، پر اهو انهن ۾ اعتماد، اخلاقيات ۽ زندگي جا مهارتون پيدا ڪرڻ جو عمل آهي، جيئن هو هڪ منصفاڻي ۽ خوشحال سماج جي تعمير ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري سگهن، هن چيو تہ سماجي شموليت صرف تعليم تائين رسائي جو نالو ناهي، پر اهو هر گريجوئيٽ ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻ آهي ته هو قابلِ احترام، پراعتماد ۽ سماج ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته صنفي برابري، محروم طبقن لاءِ شمولتي تعليم، ۽ نوجوانن جي فيصلا سازي ۾ شموليت امن ۽ پائيدار ترقي لاءِ انتهائي ضروري آهي۔ “جڏهن نوجوان سماجي، معاشي ۽ سياسي طور بااختيار ٿين ٿا، تڏهن قومون ترقي ڪن ٿيون، ۽ جڏهن انهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ته معاشري ۾ افراتفري پيدا ٿئي ٿي، ان موقعي تي عامر بنگش ۽ ونود ڪمار چيو ته سماجي شموليت امتياز ۽ نابرابري خلاف هڪ ڊهال جو ڪم ڪري ٿي ۽ شاگردن ۾ همدردي ۽ شهري ذميواري جو جذبو پيدا ڪري ٿي۔ هنن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو رضاڪاراڻي سرگرمين، ڪميونٽي سروس ۽ جدت تي ٻڌل منصوبن ۾ حصو وٺن، جيڪي سماجي ڀلائي ۾ مددگار ثابت ٿين، سيمينار ۾ شاگردن، استادن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
زرعي يونيورسٽي سيمينار
0 تبصرے