English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ برسات جا ريڪارڊ ٽٽي پيا، غريب پورهيت جو گهر ڊهي پٽ
30 views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
انڊسٽريل ايريا گهگهر جي کوسا ڳوٺ ۾ حيدر کوسو جو گهر ڊهي پٽ، گهرڀاتي معجزاڻي طور محفوظ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ تازين برساتن ماضي جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب ضلعي جي مختلف علائقن ۾ وڏيون تباهيون سامهون اچي رهيون آهن. انڊسٽريل ايريا گهگهر جي کوسا ڳوٺ ۾ غريب پورهيت حيدر کوسو جو گهر برسات دوران اوچتو ڊهي پيو. خوشقسمتيءَ سان سندس گهرڀاتي معجزاتي طور تي محفوظ رهيا، پر سڄو خاندان کليل آسمان هيٺ ويهي رهيو آهي.گهر مالڪ غلام حيدر کوسو ۽ سندس گهرواري ڪنول کوسو صحافين کي ٻڌايو ته برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪو به مناسب انتظام نه ٿيڻ سبب سندن گهر ڪريو آهي، جيڪا چونڊيل نمائندن جي سڌي نااهلي آهي. هنن ٻڌايو ته يونين ڪميٽي گهگهر جي چيئرمين کي مدد لاءِ اپيل ڪئي وئي پر ڪنهن به قسم جي سهائتا نه ملي. حيدر کوسو چيو ته هو غريب پورهيت آهي ۽ 7 معصوم ٻارڙن جو اڪيلو ڪفيل آهي، تنهنڪري حڪومت ۽ سماجي تنظيمن کان گهر ٻيهر ٺاهڻ لاءِ مدد جي اپيل ڪري ٿو ٻئي طرف وقفي وقفي سان هلندڙ برسات گهگهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي. روڊن ۽ رستن تي پاڻي گڏ ٿيڻ سبب عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ۽ شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ۾ برسات جا ريڪارڊ
انڊسٽريل ايريا گهگهر
0 تبصرے