ملير جي قديم شيخ شيدو ڳوٺ جي 16 ايڪڙ زمين تي هٿياربندن جو مبينا قبضو

متاثر ڳوٺاڻا سمورا قانوني دستاويز کڻي پريس ڪلب پهچي ويا، نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو

ملير جي قديم شيخ شيدو ڳوٺ جي 16 ايڪڙ زمين تي هٿياربندن جو  مبينا قبضو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي قانوني طور منظور ٿيل قديم شيخ شيدو ڳوٺ جي 16 ايڪڙ زمين تي بااثر قبضاگير ٽولي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري غيرقانوني رهائشي رٿا شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان متاثر ڳوٺاڻن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي زمين جا اصل ڪاغذي ثبوت پيش ڪيا.پريس ڪانفرنس دوران ڳوٺ جي معززن دلاور جوکيو، طيب جوکيو ۽ ٻين الزام لڳايو هنيو ته قبضاگيرن ۾ رفيق گبول، اڪبر راهوجو، گل محمد لاشاري، گلزار ابڙو، مولابخش جوکيو، اياز پٺاڻ، ابراهيم پٺاڻ، مرتضيٰ پٺاڻ ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي سيشن ڪورٽ ۽ محتسب اعليٰ جي فيصلن کي لتاڙيندي هٿيارن جي زور تي زوري پلاتنگ ڪري رهيا آهن.هنن چيو ته شيخ شيدو ڳوٺ اسان جي والد جي نالي سان قانوني طور سينڪشن ٿيل آهي، پر قبضاگير نه صرف زبردستي قبضو ڪري رهيا آهن پر اعتراض ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرائي رهيا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته قبضاگيرن جي حرڪتن سبب ڪنهن به وقت امن امان جو وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو.متاثر ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرس، ايس ايس پي ملير، ايم اين اي سردار ڄام ڪريم ۽ ايم پي اي ساجد جوکيو کي اپيل ڪئي ته قبضاگير ٽولي خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.