ملير: شاهه لطيف ٽائون پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل ڪوڪنگ آئل سان ڀريل گاڏي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ملير: شاهه لطيف ٽائون پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل ڪوڪنگ آئل سان ڀريل گاڏي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي ٿاڻي شاهه لطيف ٽائون تي گشت ۾ مامور پوليس ڪارروائي ڪندي چوري ٿيل ڪوڪنگ آئل جي ترسيل ناڪام بڻائي ڇڏي. پوليس شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 17-A وٽ شڪي گاڏي سوزوڪي هاءِ روف کي روڪيو. تلاشي دوران گاڏي مان مضر صحت ۽ چوري ٿيل ڪوڪنگ آئل سان ڀريل 10 ڪين هٿ آيا.پوليس ڪارروائي دوران گاڏي جو ڊرائيور عزيز شاهه ۽ سندس ساٿي بلاول کي گرفتار ڪري، برآمد ٿيل تيل ۽ گاڏي سميت ٿاڻي منتقل ڪيو. پوليس فوري طور ايف آءِ آر نمبر 246/25 داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب گرفتار ٿيل گاڏي بدنام زمانه تيل چور زبير عرف برمانڊو جي آهي، جيڪو ٿاڻي بن قاسم جي حدن ۾ پورٽ قاسم تان نڪرندڙ آئل ٽينڪرز مان مضر صحت ڪوڪنگ آئل چوري ڪري مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري ٿو