English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: نامياري صحافي شاعر ۽ ليکڪ شمشيرالحيدري جي ياد ۾ تقريب منعقد
32 views
|
26th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد جي سلطان شاهه ساقي پارڪ ۾ رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي، شمشير الحيدري کي ڀيٽا پيش
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نامياري صحافي شاعر ۽ ليکڪ شمشيرالحيدري جي ياد ۾ ملير جي هيڊ ڪوارٽر رزاق آباد جي سلطان شاهه ساقي پارڪ ۾ رنگا رنگ تقریب ڪوٺائي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، مھراڻ آرٽ پروڊڪشن طرفان ثقافت کاتي جي سھڪار ٿيندڙ تقريب جي پهرين نشت ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير ،سياسي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، نامياري شاعر اصغر باغي ۽ عرفان عباسي خطاب ڪندي چيو ته شمشيرالحيدري جهڙا ماڻهو ورلي ڄمندا آهن هو هڪ ئي وقت بهترين صحافت، شاعري، ڊراما نگاري ۽ حڪمت تي وڏو عبور رکندو هو، شمشيرالحيدري اهو ماڻهو هو جيڪو پاڪستان ٽيليويزن جو پهريون سنڌي پروڊيوسر بڻيو ۽ ان وقت پي ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ صرف 10 منٽ وقت مقرر ڪيو ويو پر اهو ڪمال هو شمشير جو، جو هو ڏهه منٽن ۾ ڀرپور پروگرام ڪري ويندو هو، تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ادا ڪرڻ تي کين مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته پروگرام جي ٻئين نشست ۾ مشاعري جي محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ قومي عوامي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي، جمشيد زهراڻي، سڪندر سرواڻ، امرتا ڏاهري، اصغر مهرائي ، قمبر ٻٽ، اصغر عادل قريشي، عبدالمجيد عاصم ،مظهر ورياڻي ۽ ٻين پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، پروگرام جي ٽئين نشست ۾ سرگم جي عنوان سان طارق رزاق شيخ ۽ سندس ٽيم پاران ادب ۽ موسيقي جي حوالي سان اصلاحي ڊرامو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ سڀني اداڪارن پاڻ نڀايو ۽ خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ سنڌ جي صوفي ۽ عوامي راڳين عبدالخالق ڀٽي ،شفقت مهر ۽ ٻين قومي، عوامي ۽ صوفياڻا گيت ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
رزاق آباد جي سلطان شاهه ساقي
ليکڪ شمشيرالحيدري
0 تبصرے