English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: نامياري صحافي شاعر ۽ ليکڪ شمشيرالحيدري جي ياد ۾ تقريب منعقد
76 views
|
26th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد جي سلطان شاهه ساقي پارڪ ۾ رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي، شمشير الحيدري کي ڀيٽا پيش
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) نامياري صحافي شاعر ۽ ليکڪ شمشيرالحيدري جي ياد ۾ ملير جي هيڊ ڪوارٽر رزاق آباد جي سلطان شاهه ساقي پارڪ ۾ رنگا رنگ تقریب ڪوٺائي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، مھراڻ آرٽ پروڊڪشن طرفان ثقافت کاتي جي سھڪار ٿيندڙ تقريب جي پهرين نشت ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير ،سياسي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، نامياري شاعر اصغر باغي ۽ عرفان عباسي خطاب ڪندي چيو ته شمشيرالحيدري جهڙا ماڻهو ورلي ڄمندا آهن هو هڪ ئي وقت بهترين صحافت، شاعري، ڊراما نگاري ۽ حڪمت تي وڏو عبور رکندو هو، شمشيرالحيدري اهو ماڻهو هو جيڪو پاڪستان ٽيليويزن جو پهريون سنڌي پروڊيوسر بڻيو ۽ ان وقت پي ٽي وي تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ صرف 10 منٽ وقت مقرر ڪيو ويو پر اهو ڪمال هو شمشير جو، جو هو ڏهه منٽن ۾ ڀرپور پروگرام ڪري ويندو هو، تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ادا ڪرڻ تي کين مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته پروگرام جي ٻئين نشست ۾ مشاعري جي محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ قومي عوامي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي، جمشيد زهراڻي، سڪندر سرواڻ، امرتا ڏاهري، اصغر مهرائي ، قمبر ٻٽ، اصغر عادل قريشي، عبدالمجيد عاصم ،مظهر ورياڻي ۽ ٻين پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، پروگرام جي ٽئين نشست ۾ سرگم جي عنوان سان طارق رزاق شيخ ۽ سندس ٽيم پاران ادب ۽ موسيقي جي حوالي سان اصلاحي ڊرامو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ سڀني اداڪارن پاڻ نڀايو ۽ خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ سنڌ جي صوفي ۽ عوامي راڳين عبدالخالق ڀٽي ،شفقت مهر ۽ ٻين قومي، عوامي ۽ صوفياڻا گيت ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
رزاق آباد جي سلطان شاهه ساقي
ليکڪ شمشيرالحيدري
0 تبصرے