وي سي، ڊينز، رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر فنانس جي خاطري باوجود مسئلا حل ناهن ڪيا ويا: ملازم اڳواڻ
شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور جي شيخ اياز يونيورسٽي جي ڪچن ملازمن طرفان احتجاج، مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان تفصيل موجب گذريل ڏينھن شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي ڪچن ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ يونيورسٽيءَ جي اڳڻ تي ملازم پنهنجي قانوني ۽ عرصي کان رڪيل معاملن بابت پرامن احتجاج ڪيو ۽ سخت نعري بازي ڪئي،ملازم ايسوسيئيشن جي عھديدارن صدر سيد گدا حسين شاهه، جنرل سيڪريٽري شمن علي شيخ، نائب صدر جھانگير ڪاشف چنه، ترجمان سيد فھيم علي شاھ ،مير حسن مھر، ساجد علي ھڪڙو سميت ڪيترائي ملازم احتجاج م شامل ھئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ ھو ته وائس چانسلر، ڊينز ، رجسٽرار۽ ڊائريڪٽر فنانس جي موجودگي ۾ وائس چانسلر پاڻ يقين ڏياريو هو ته ملازمن جا سڀ قانوني مسئلا آھن هڪ هفتي اندر حل ڪيا ويندا، پر افسوس جو اڄ تائين ان واعدي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ وقتي انتظاميه حقيقي مسئلا حل ڪرڻ بدران يونيورسٽي جو پرامن ماحول بگاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن جي هو سخت مذمت ڪن ٿا ھنن جو چوڻ ھو ته اسان وڏي صبر سان انتظار ڪيو، پر هاڻي اسان وٽ رڳو پرامن احتجاج جو رستو بچيو آهي ملازمن واضع ڪيو آهي ته جيستائين جائزي ۽ قانوني معاملا حل نه ٿيندا تيسين احتجاج ختم ڪو نه ڪنداسين انتظاميه کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪنهن به اهڙي حرڪت کان پاسو ڪيو وڃي جيڪا يونيورسٽي جي هم آهنگي کي متاثر ڪري.
0 تبصرے