عمرڪوٽ: پوليو جي آڪٽوبر راؤنڊ جي پوسٽ ڪيمپين جو جائزه اجلاس

پوليو مهم دوران بهترين ڪارڪردگي تي فيلڊ اسٽاف کي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

عمرڪوٽ: پوليو جي آڪٽوبر راؤنڊ جي پوسٽ ڪيمپين جو جائزه اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو جي آڪٽوبر راؤنڊ جي پوسٽ ڪيمپين جو جائزو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، چيف مونسپل آفيسر سيد ساجد علي شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، فوڪل پرسن پوليو ڊاڪٽر وجي ڪمار، فوڪل پرسن اي پي آءِ ڊاڪٽر شير مھر، مختيارڪار، ڊبليو ايچ او جو ايريا ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر آزاد عالم، ضلعي جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگا شنڪر، ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب مڱريو، ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ضلعي مانيٽر ڊاڪٽر انوڌر ميشوري، صحت کاتي جا آفيسر، پوليو پروگرام جا ڪوآرڊينيٽر، ليڊي هيلٿ سپروائيزر ۽ فيلڊ عملي شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر کي آڪٽوبر ۾ ھلندڙ پوليو مهم جي ڪارڪردگي، ڪاميابين ۽ آڏو ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ٻڌايو ويو ته ضلع عمرڪوٽ ۾ مقرر هدف موجب پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو ويڪسين پيارڻ جو ڪم ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو ۽ گھر گھر وڃي ٽيمون ٻارن جي آڱرين تي نشاني لڳائيندي رهيون، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ پوليو ٽيمون جي محنت ۽ جفاڪشي کي ساراهيندي چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو قومي ذميواري آهي، ھن چيو ته فيلڊ ورڪرز فرنٽ لائن هيرو آهن، جيڪي مشڪل حالتن باوجود ٻارن جي محفوظ نسل لاءِ ڏينهن رات جهد جاري رکڻ ۾ مصروف آهن، هن زور ڏنو ته ايندڙ مهمن ۾ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بھتر بڻايو وڃي ۽ والدين جي خدشن کي چڱي ريت دور ڪندي ھر ٻار تائين ويڪسين جي رسائي کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فيلڊ ورڪرز ۽ سپروائيزرز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا، ڊپٽي ڪمشنر ٽيمون جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته انهن جي خدمتون ايندڙ نسلن کي معذوري جي خطري کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، اجلاس جي آخر ۾ پوليو پروگرام جي ايندڙ حڪمتِ عملي بابت به مشاورت ڪئي وئي ۽ لاڳاپيل محڪمن جي وچ ۾ وڌيڪ مؤثر رابطي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.