English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٺي ۾ فالج جي بيماري کان بچاءُ متعلق آگاهي واڪ منعقد
78 views
|
02nd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
فالج جو مرض وڌي ويو آهي، 4مان هڪ ماڻھو کي فالج ٿيڻ عام ٿي ويو آھي: ڊاڪٽر جئه سنگهه راڻا
مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ فالج جي بيماري کان بچاءُ متعلق آگاهي واڪ منعقد ڪيو ويو. انهي موقعي تي ڳالهائيندي دماغي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر جئه سنگهه راڻا چيو ته سموري دنيا ۾ مختلف بيمارين جا ڏھاڙ ملهايا ويندا آھن ته جيئن انهن بيمارين متعلق وڌ کان وڌ ماڻھن کي آگاهي ملي ته جيئن هو احتياط ڪن ۽ باخبر هجن . هن چيو ته فالج جو مرض اڄڪلهه تمام گهڻو وڌيل آھي ۽ چار مان هڪ ماڻھو کي فالج ٿيڻ عام ٿي ويو آھي ماڻھن کي هن وڌندڙ بيماري متعلق وڌيڪ آگاهي هئڻ وقت جي ضرورت آھي فالج جو مختلف نشانيون هونديون آهن جنهن ۾ نظر ۾ اچانڪ گهٽتائي ، چهري جو ٽيڙو ٿيڻ يا جسم جي ڪنهن به حصي ۾ اچانڪ ڪا تبديلي اچي ۽ ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ شامل آھن انهن نشانين جي سامهون اچڻ سان ته فوري طور تي مريض ايمرجنسي اسپتال پهچائڻ گهرجي ته جيئن ٽي کان چار ڪلاڪ اندر انهي جو علاج ٿي سگهي ۽ انهي کي بچاءُ واري انجيڪشن لڳائي هميشه جي معذوري کان بچائي سگهجي ٿو. بلڊ پريشر جو ڪنٽرول نه ٿيڻ ، موٽاپو ڪوليسٽرول جو مقدار وڌڻ ، سگريٽ نوشي ۽ ايئر پوليشن سبب فالج ٿيڻ جو خدشو هوندو آھي هاڻي فالج جو مڪمل علاج موجود آھي جنهن ۾ مريض کي اپاهج ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مٺي
مٺي ۾ فالج جي بيماري کان
0 تبصرے