English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٺي ۾ انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر ۽ گراسپ پروجيڪٽ جي تعاون سان فيسٽيول منعقد
76 views
|
03rd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
فيسٽيول ايگري بزنس اينڊ لنڪيـج بلڊنگ فیسٽيول سدا بهار سوشَل انٽرپرائز جي ميزباني هيٺ ٿيو
مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ ايگري بزنس اينڊ لنڪيـج بلڊنگ فیسٽيول سدا بهار سوشَل انٽرپرائز جي ميزباني هيٺ، انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر ۽ گراسپ پروجيڪٽ جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو.اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر ارم ڪريم ناريجو فیسٽيول جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف اسٽالن جو جائزو ورتو جن ۾ زرعي شيون، لائيو اسٽاڪ جون شيون، ٻج، هٿ سان تيار ڪيل دستڪاري، روايتي کاڌا ۽ مڪاني شيون شامل هيون۔تقريب ۾ شهنـاز ڪپاديا، ڪريمڏنو دل، نور محمد دل، سليم سميجو، ڊاڪٽر بشير، رياض احمد راڄڙ، مشتاق عمراڻي، امير بخش عباسي، ڪاشف صديقي، ڊاڪٽر واسديو چنداڻي، امتياز احمد، شبانه، عمران بگھيو ۽ رياض احمد شيخ سميت ٻين شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي سنڌ جي مختلف سوشَل انٽرپرائز پليٽفارمن جي نمائندن محمد اسحاق، عبدالرازق ابڙو، جهان خان لغاري ۽ عابده پروين پنهنجا تجربا شيئر ڪيا ۽ پيداوار ڪندڙن ۽ مارڪيٽن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي۔آرگنائيزرن جو چوڻ هو ته فیسٽيول جو مقصد مقامي هارين ۽ ڪاروبارين کي مارڪيٽ تائين رسائي، ڪاروباري لاڳاپن جا موقعا ۽ ٽيڪنيڪل رهنمائي فراهم ڪرڻ آھي۔ اهڙا پروگرام پائيدار زراعت جي فروغ، روزگار جي بهتري ۽ ٿرپارڪر جي زرعي ۽ مال پالڻ واري شعبي ۾ جدت آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔تقريب جي پڄاڻي تي منتظمين، شرڪت ڪندڙن ۽ رضاڪارن کي سندن خدمتن جي ساراهه ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مٺي ۾ انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر
0 تبصرے