English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سيڪريٽري صحت ريحان اقبال بلوچ نوشهروفيروز پهتو، سول اسپتال جو دورو
100 views
|
07th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ آهي جيڪي مهيا ڪيون وينديون: ريحان اقبال بلوچ
نوشهروفيروز(د ر)سيڪريٽري صحت ريحان اقبال بلوچ سول اسپتال پهتو جتي هن سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جو افتتاح ڪيو ۽ بعد سول اسپتال جي مختلف وارڊن جي وزٽ به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيڪريٽري صحت ريحان اقبال بلوچ چيو آهي ته بلڪل سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ آهي ان سان گڏ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن جيڪي ڊاڪٽر اپائينٽ ٿين ٿا آهي پنهنجي علائقن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ يا ته موڪل تي وڃڻ چاهين يا وري اسپيشلائيزيشن ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا جن مان اميد آهي ته هو پڙهائي پوري ڪري وري پنهنجي علائقي واسين جي خدمت ڪندا هن چيو ته سول اسپتال کي ضلعي جو درجو مليل آهي باقي سهولتن جو پورائو ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي ڀرٿي ڪئي ويندي ۽ ان سان گڏوگڏ وينٽيليٽر جي لاءِ اسپيشل ٽئڪنيڪل اسٽاف هجڻ لازمي آهي اهو اپائينٽ ڪري اهي به اسٽال ڪيا ويندا عطائي ڊاڪٽرن تي هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪم ڪري رهي آهي باقي ڪٿي اڃان عطائي ڪم هلائي رهيا آهن ته مونکي لکت ۾ ثبوت ملندا ته انهن خلاف قدم کنيو ويندو ان موقعي تي ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو ، ايم ايس ڊاڪٽر مبين راجپوت ۽ ٻيو عملو گڏ هيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ريحان اقبال بلوچ
سيڪريٽري صحت ريحان اقبال بلوچ
0 تبصرے