English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ٽرڪ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
102 views
|
30th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير لنڪ روڊ لڳ سپرهائي وي تي ٽرڪ ۽ هائي ايس وين جي وچ ۾ خوفناڪ حادثو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي سميت ٻه ڄڻا فوت جڏهن ته پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اطلاعن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جتي هائي ايس وين ۽ ٽرڪ آمهون سامهون ٽڪرائجي ويا. ٽڪر ايترو شديد هو جو هائي ايس وين کي سخت نقصان رسيو ۽ اندر ويٺل مسافر زخمي ٿي پيا.واقعي جي اطلاع ملڻ شرط پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويون. فوتين جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ۽ زخمين کي علاج لاءِ ايمبولينس ذريعي بقائي اسپتال ٽول پلازا منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 9 ورهين جي ناهيد ڌي محمد نويد ۽ 55 ورهين جي خليل احمد جي نالن سان ٿي آهي. جڏهن ته زخمين ۾ نوشين، مريم، امبرين، حسن ۽ محمد دائود شامل آهن. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي بعد ٽرڪ ۽ هائي ايس وين جا ٻئي ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي لاڳاپيل ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ فرار ٿيل ڊرائيورن جي ڳولا لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.شهري حلقن ملير لنڪ روڊ تي وڌندڙ ٽريفڪ حادثن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته روڊ تي رفتار تي ضابطو آندو وڃي ۽ حفاظتي قدم کنيا وڃن ته جيئن قيمتي جانيون بچائي سگهجن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀ
ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
accident
0 تبصرے