English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ويجهو ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2نوجوان فوت
107 views
|
30th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (ڊ ، ر) عمرڪوٽ ضلعي جي پپري اسٽاپ وٽ انتهائي افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جتي ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان فوت ٿي ويا، حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان سخت زخمي ٿيا، جن مان هڪ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو نوجوان سخت زخمن سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر زخم جا سور نه سهندي هو پڻ دم ڏئي ويو، فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ ڍورونارو واسي مير ممتاز علي راڄڙ طور ٿي آهي، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ ممتاز راڄڙ جو پٽ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻئي نوجوان جي سڃاڻپ زوهيب نيازي طور ڪئي وئي آهي، مقامي ماڻهن موجب حادثو ٽريڪٽر ٽرالي جي تيز رفتاري ۽ بي احتياطي سبب پيش آيو، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، حادثي بعد فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين پاران واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪَ جاچ جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2نوجوان فوت
0 تبصرے