English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻن جي رابطي لاءِ پلين جي تعمير جو مطالبو پورو
66 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)نئين لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻن جي آمدرفت ۽ رابطي کي آسان بڻائڻ لاءِ پلين جي تعمير بابت ڊگهي عرصي کان جاري عوامي جدوجهد آخرڪار ڪامياب ٿي وئي آهي. علائقي واسين لاءِ خوشخبري اها آهي ته نئين لنڪ روڊ تي ٻه عدد پلين جي تعمير جو ڪم باقاعدي طور اڄ کان شروع ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي طور حاجي آدم سالار باغ وٽ روڊ ڪراسنگ واري هنڌ تي سوئل ٽسٽينگ لاءِ بورنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو تعميراتي ڪم جو اهم بنيادي مرحلو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پلين جي تعمير سان ڪيترن ئي ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان رابطو بحال ٿيندو ۽ روزاني آمدرفت ۾ پيش ايندڙ سخت مشڪلاتون ختم ٿي وينديون.هن اهم ترقي تي علائقي واسين قومي اسيمبلي جي ميمبر ڄام عبدالڪريم ايم اين اي، صوبائي وزير ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي محمد سليم بلوچ ايم پي اي، ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ملير راجه عبدالرزاق بلوچ ، جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ملير امداد علي جوکيو ، ۽ ملير جي صحافين کي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪيو آهي، جن عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري هن مطالبي کي عملي شڪل ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ڳوٺاڻن ۽ سماجي اڳواڻن سليم سالار، حڪيم سالار، عبدالرزاق سالار ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته نئين لنڪ روڊ ٺهڻ باوجود پلين جي کوٽ سبب ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو هڪ ٻئي کان ڪٽجي ويا هئا، خاص طور برساتن دوران حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون هيون. هاڻي پلين جي تعمير سان نه صرف آمدرفت بهتر ٿيندي پر تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ مارڪيٽن تائين رسائي پڻ آسان ٿيندي.علائقي واسين الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته تعميراتي ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو ۽ عوام کي جلد ئي هن اهم سهولت جو فائدو حاصل ٿيندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪ روڊ تي ڳوٺاڻن جي رابطي لاءِ پلين جي
0 تبصرے