English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پٽ جو ملڪيت تان ماءُ تي مبينا تشدد، بيوه روئيندي پريس ڪلب پهچي وئي
59 views
|
07th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پُٽ عابد علي پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ ئي نافرمان هو، جنهن کي کيس اڳ ئي حصو ڏئي ڇڏيو هو: سلمه ياسين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ لطيف ٽائون جي رهواسي بيوه عورت سلمہ ياسين پنهنجي نافرمان پُٽ جي ظلمن جو داستان کڻي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پُرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس پُٽ عابد علي پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ ئي نافرمان هو جنهن تي منهنجي گهرواري کيس ملڪيت جو حصو ڏيئي ڌار ڪري ڇڏيو هو پر پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ هو زبردستي منهنجي ذاتي ملڪيت تي قابض ٿي ويو آهي ڏاڍ ۽ ڌمڪين ذريعي اِها ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائڻ ٿو چاهي هن چيو ته انڪار ڪرڻ تي مونکي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پاڙي وارن مداخلت ڪري منهنجي حياتي بچائي هن چيو ته عابد علي سندس حصي جي ملڪيت ملڻ باوجود مسلسل مون سميت گهر ڀاتين تي حملا ڪري رهيو آهي ڇو ته کيس پوليس ۽ بااثرن جي پُٺ ڀرائي حاصل آھي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته پُٽ جي مبينا ظلمن خلاف ڪيترائي ڀيرا شاھ لطيف ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيا پر ڪنهن به سندس دانهن نه ٻڌي آخرڪار عدالت مان آرڊر وٺي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر پوليس سندس مدد ڪرڻ بدران نافرمان پٽ سان گڏجي وئي هن الزام هنيو ته پوليس 2023ع جي هڪ پراڻي ايف آءِ آر ۾ عابد جي چُرچ تي منهنجي ٻن پُٽن محمد علي ۽ حيدر علي کي گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ڇڏيو آهي هن ٻڌايو ته عابد علي زبردستي شاھ لطيف ٽائون سيڪٽر 16-اي ڊبل روڊ تي موجود سندس هوٽل “وائي ايس رائل پيزا هائوس ۽ مٿئين حصي ۾ واقع وڏي پٽ محمد علي جي گهر تي به قبضو ڪري ھٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن جنهن سبب سڄو ڪٽنب خوف ۽ بيچني ۾ مبتلا آهي هن ٻڌايو ته پُٽ عابد علي کليل ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ملڪيت جا ڪاغذ سندس نالي نه ڪيا ويا ته پوليس ذريعي کيس ۽ سندس ڪٽنب کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جاني ۽ مالي نقصان پهچائيندو هن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير، انساني حقن جي تنظيم جي عملدارن ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته عابد علي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري سندس ملڪيت تان قبضو ختم ڪرايو وڃي جڏهن ته ملوث پوليس اهلڪارن ۽ بااثر ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪري کيس ۽ سندس ڪٽنب کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ پٽ جو ملڪيت تان ماءُ تي مبينا
ملير ۾ پٽ جو ملڪيت تان
0 تبصرے