English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سنڌ اجرڪ ويلفيئر ٽرسٽ پاران مفت طبي ڪئمپ قائم
104 views
|
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مفت طبي ڪئمپ دوران 500 مريضن جو معائنو ڪيو ويو ۽ کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون
ڪراچي (رپورٽر)ملير جي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ سنڌ اجرڪ ويلفيئر ٽرسٽ پاران مفت طبي ڪئمپ جو انعقاد ڪيو ويو۔ هي ميڊيڪل ڪئمپ سرپرستِ اعليٰ رئيس حاجي شبير احمد جوکيو جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي۔ مفت طبي ڪئمپ ۾ مليريا، شگر، بلڊ پريشر، ڊينگي، ڪوليسٽرول ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪيون ويون۔ طبي ڪئمپ دوران 500 مريضن جو معائنو ڪيو ويو ۽ کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون۔ اجرڪ ويلفيئر ٽرسٽ جي سرپرستِ اعليٰ رئيس بشير احمد جوکيو جو چوڻ هو ته پٺتي پيل علائقن ۾ طبي ڪئمپون لڳڻ گهرجن، جنهن سان غريب مريضن کي فائدو ملي ٿو۔ اجرڪ ويلفيئر ٽرسٽ جي صدر غلام مجتبيٰ قادري چيو ته اهڙيون طبي ڪئمپون سڄي سنڌ ۾ لڳايون وينديون، جيئن غريب مريضن کي فائدو ملي سگهي۔ هن وڌيڪ چيو ته طبي ڪئمپ ۾ آگاهي پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ذريعي مريضن کي مختلف بيمارين بابت آگاهي ڏني پئي وڃي۔ ويلفيئر جي ميمبر اخلاق احمد قادري جو چوڻ هو ته مريضن کي صرف هڪ ڏينهن لاءِ نه پر ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن۔ميمبر علي مهر، ڊاڪٽر نجمه سلطانه، شبانه ۽ آرتي جو چوڻ هو ته مريضن جون سموريون ٽيسٽون ڪري کين دوائون مهيا ڪيون پيون وڃن۔ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر شاهد، ڊاڪٽر حبا، ڊاڪٽر ڪنول، فزيوٿراپي ڊاڪٽر محمد علي ۽ نرسز سميت عملي مريضن جو چيڪ اپ ڪيو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جي مراد ميمڻ ڳوٺ
0 تبصرے