English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انجمن تاجران ضلعي سجاول طرفان واپاري نواز ميمڻ تي ٿيل مبينا تشدد جي مذمت
105 views
|
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
واپاري نواز ميمڻ تي ٿيل تشدد ۽ تذليل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا: رياض احمد ميمڻ
سجاول (رپورٽر) انجمن تاجران ضلعي سجاول طرفان واپاري نواز ميمڻ سان ٿيل مبينا تشدد واري واقعي خلاف ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. پريس ڪانفرنس ۾ انجمن تاجران ضلعي سجاول جي صدر حافظ رياض احمد ميمڻ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر غلام رسول زئور، متاثر واپاري نواز ميمڻ سميت ٻين واپارين شرڪت ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته وڪيل لياقت جماري طرفان واپاري نواز ميمڻ سان ٿيل تشدد ۽ تذليل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته ضلعي جي واپارين جي گڏجاڻي ۾ اڪثريتي راءِ سان اهم فيصلا ڪيا ويا آهن ۽ سڄي واپاري برادري ۾ سخت غم ۽ غصو موجود آهي. هنن جو چوڻ هو ته اڄ هڪ واپاري سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، سڀاڻي اهڙو سلوڪ ٻين واپارين سان به ٿي سگهي ٿو. واپاري اڳواڻن چيو ته هو قانوني طريقي سان نواز ميمڻ سان ٿيل زيادتي بابت انصاف جو مطالبو ڪن ٿا، جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو ۽ سمورو ضلعو سراپا احتجاج بڻجي ويندو. هنن واضح ڪيو ته انصاف ملڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
انجمن تاجران ضلعي سجاول طرفا
واپاري نواز ميمڻ تي ٿيل مبينا تشدد
0 تبصرے