English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ گهرن ۽ زرعي زمين تي بااثر ماڻھن جو،قبضو ختم ڪرايو وڃي: ڊاڪٽر علي اصغر
44 views
|
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
4ورهين کان ٽائون ملازم سعيد بگھيو جعلي ايگريمينٽ تيار ڪري زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪري ۾ گهرن ۽ زرعي زمين تي مبينا قبضن ۽ جعلي ڪيسن خلاف صحافي ڊاڪٽر علي اصغر عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي۔پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر علي اصغر ٻڌايو ته سندن خاندان گذريل سو سالن کان ڊوکري ۾ پنهنجي ڏهن ايڪڙ زرعي زمين تي آباد آهي، پر گذريل چار سالن کان ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي ملازم سعيد احمد بگھيو طرفان مبينا جعلي ايگريمينٽ تيار ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوششون جاري آهن۔ هن ٻڌايو ته سعيد بگھيو پنهنجي پٽ نعيم احمد بگھيو جي نالي سان جوڊيشل ڪورٽ ڊوکري ۾ ڪيس داخل ڪيو، جتي عدالت سندن حق ۾ فيصلو ڪيو۔ ان کان پوءِ مخالف ڌر معاملو سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻو ۽ سول ڪورٽ لاڙڪاڻو تائين کڻي وئي، جتي ٻنهي عدالتن پڻ سندن خلاف فيصلا ڏنا۔ڊاڪٽر علي اصغر موجب عدالتي فيصلا سندن حق ۾ اچڻ باوجود مخالف ڌر طاقت جي زور تي زمين ۽ گهر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ظہور ڪڪرائي نالي شخص کي گهر ۾ ويهاريو ويو آهي، جڏهن ته ان گهر جي احاطي ۾ سندن والد جي مزار پڻ موجود آهي۔هن وڌيڪ چيو ته گذريل آچر تي مخالفن سندن ٻه سئو مڻ تيار بيٺل فصل تي ٿريشر هلائي ڇڏيو ۽ هٿيارن جي زور تي فصل ڪٽي کڻي ويا۔ جڏهن مزاحمت ڪئي وئي ته هنن سندن ڀائرن ۽ ڳوٺ جي وڌيڪ 25 ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، جن مان نور محمد کي چالان ڪري سينٽرل جيل لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي۔ڊاڪٽر علي اصغر وڌيڪ ٻڌايو ته سندن ٻئي گهر، جنهن لاءِ عدالت مان اسٽے آرڊر پڻ حاصل ڪيو ويو هو، ان تي به قبضو ڪيو ويو۔ هن الزام هنيو ته گذريل آچر تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊوکري پنجاهه کان وڌيڪ پوليس موبائلن سان گڏ پهتو، جتي هڪ ضعيـف عورت کي زبردستي گهر مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ سامان گهر کان ٻاهر اڇلائي قبضو ڪيو ويو۔ متاثر عورت جو پٽ ارشاد علي ميمن پاڪ آرمي ۾ ملازم ۽ ڪوئيٽا ۾ ڊيوٽي تي آهي، جڏهن ته ٻيو اهلڪار عبدالجبار ميمن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ملازم آهي۔ڊاڪٽر علي اصغر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان کان اڳ به مخالفن سندن خاندان تي پنج جعلي ايف آئي آرون داخل ڪرايون آهن، جڏهن ته زمين ٻارهن شرڪائن جي گڏيل ملڪيت آهي۔ هن الزام لڳايو ته مخالف ڌر ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين ذهني، معاشي ۽ سماجي طور هراسان ڪري رهي آهي ۽ سندن گهرن ۾ بدحالي ۽ بک جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي۔آخر ۾ ڊاڪٽر علي اصغر اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪارروائي ڪندي قبضو ختم ڪرايو وڃي، ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر علي اصغر
ڏوڪري ۾ گهرن ۽ زرعي زمين ت
4ورهين کان ٽائون ملازم سعيد بگھيو
0 تبصرے