English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ ڄاول ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
136 views
|
05th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ميمڻ ڳوٺ پوليس نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ ڄاول ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي اسپتال انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوامي ۽ سماجي حلقن طرفان خوش آئند قدم قرار ڏنو پيو وڃي.علائقي واسين ۽ سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته هاڻي ضروري آهي ته جاچ کي روايتي انداز کان هٽائي شفاف،غيرجانبدار ۽ قانون مطابق مڪمل ڪيو وڃي. مطالبو ڪيو پيو وڃي ته جاچ هيٺ آيل نجي اسپتال جي سمورن قانوني ۽ انتظامي پهلوئن جي تفصيلي جاچ ڪئي وڃي.عوامي حلقن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته هن معاملي بابت هيٿ ڪيئر ڪميشن ۽ صحت کاتي کي به باضابطه طور تي لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي، جيئن اسپتال جي رجسٽريشن، اجازت نامن ۽ طبي سهولتن بابت سمورا قانوني گهرجون پوريون ڪرايون وڃن.علائقي واسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن جاچ ايمانداري ۽سنجيدگي سان ڪئي وئي ته نه رڳو متاثر وارثن کي انصاف ملندو، پر اهڙن واقعن جي ٻيهر ٿيڻ کان به روڪ ٿئي سگهندي. شهرين اميد ظاهر ڪئي آهي ته پوليس هن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائي انصاف جي هڪ مثال قائم ڪندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ ويم دوران
عورت ۽ ڄاول ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
0 تبصرے