ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ۾ قائم 50 بسترن واري سرڪاري اسپتال ۾ انتظامي معاملن تي سماجي اڳواڻ ۽ اسپتال انتظاميا ۾ تڪرار ٿي پيو جتي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر انيلا سولنگي علائقي جي سماجي اڳواڻ زمان جوکيو کي پوليس ذريعي گرفتار ڪرائي ڇڏيو۔ واقعي کانپوءِ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو وڏ و تعداد گڏاپ ٿاڻي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ سماجي اڳواڻ زمان جوکيو جو چوڻ جو ته هن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائن جي اڻهوند، بجلي جي بندش ۽ مبينا بدانتظامي بابت سوال پڇڻ تي ايم ايس ڏمرجي پئي ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ ڀتاخوري جا الزام هڻي پوليس کي طلب ڪيو، جنهن بعد پوليس مون کي کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو۔ زمان جوکيو الزامن کي رد ڪندي چيو ته هو مقامي رهواسي ۽ سماجي اڳواڻ هئڻ ناتي مريضن سان گڏ اسپتال ويو هو، جتي بجلي نه هجڻ سبب جنريٽر هلائڻ لاءِ چيم ۔ سندس چوڻ هو ته ان ڳالهه تي ايم ايس ناراض ٿي پوليس حوالي ڪيو۔ گڏاپ ٿاڻي پهتل علائقي جي معزز ۽ سماجي اڳواڻ ظفر حميد واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته سماجي اڳواڻ کي ٿاڻي اندر بند ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي ۽ ايم ايس کي پنهنجو رويو بهتر بڻائڻ گهرجي۔ايس ايڇ او گڏاپ ڌرين سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد شام دير سان زمان جوکيو کي آزاد ڪيو ويو۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ بيچيني پکڙيل آهي ۽ رهواسين اسپتال جي انتظامي معاملن جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي۔
0 تبصرے