English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڪلسٽر حب اسڪول ۾ شامل 26 اسڪولن جي هيڊ ٽيچرن جي تعارفي گڏجاڻي
104 views
|
22nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول حاجي رکيو جوکيو ۾ ڪلسٽر ۾ شامل 26 اسڪولن جي هيڊ ٽيچرن جي پهرين تعارفي گڏجاڻي ٿي.گڏجاڻي جو مقصد ڪلسٽر سسٽم تحت تعليمي بهتري، انتظامي هم آهنگي ۽ اسڪولن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ هو.گڏجاڻي ۾ خالد جمعه جوکيو، ٽي اي او سيڪنڊري گڏاپ ٽائون، رضا بلوچ، ضلعي ڪوآرڊينيٽر آر ايس يو ملير، ثناءُالله جوکيو، پرنسپل گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪونڪر، اميرالدين جوکيو، هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪونڪر، شير عالم جوکيو، هيڊ ماستر گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول حاجي سائين رکيو جوکيو، شاهنواز خاصخيلي، چيئرمين يو سي شاهه مريد، ۽ محمد رفيق جوکيو، وائيس چيئرمين يو سي شاهه مريد شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مقررن تعليم جي اهميت، شاگردن جي حاضري، استادن جي ذميوارين، اسڪولن جي بنيادي سهولتن، ۽ ڪلسٽر سسٽم تحت گڏيل ڪوششن سان تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ تي تفصيلي روشني وڌي. ٽي اي او سيڪنڊري خالد جمعه جوکيو چيو ته ڪلسٽر سسٽم جو بنيادي مقصد وسيلن جو بهتر استعمال، اسڪولن وچ ۾ تعاون ۽ شاگردن کي معياري تعليم مهيا ڪرڻ آهي.ضلعي ڪوآرڊينيٽر آر ايس يو ملير رضا بلوچ چيو ته هيڊ ٽيچرن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ڇو ته سندن قيادت سان ئي اسڪولن ۾ تعليمي ماحول بهتر ٿي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪلسٽر ۾ شامل سڀئي اسڪول گڏيل حڪمت عملي سان بهتر نتيجا حاصل ڪندا.آخر ۾ چيئرمين يو سي شاهه مريد شاهنواز خاصخيلي ۽ وائيس چيئرمين محمد رفيق جوکيو مقامي سطح تي تعليم لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته تعليم ئي علائقي جي ترقي جو واحد ذريعو آهي.گڏجاڻي ۾ ڪلسٽر ۾ شامل سمورن 26 اسڪولن جي هيڊ ٽيچرن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ مستقبل ۾ باقاعده گڏجاڻيون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ڪلسٽر حب اسڪول ۾
0 تبصرے