English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ مڱريا پريمئير ڪرڪيٽ ليگ شروع، پھرين ڏينھن 5 ميچون ٿيون
56 views
|
23rd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
افتتاح ڊاڪٽر محمد رمضان مڱريو، ميجر سليم مڱريو، فقير محب مڱريو ۽ ٻين ڪيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شھر جي ماروي گرائونڊ ۾ منڱريا پريمئير ليگ ڪرڪيٽ شروع، پھرين ڏينھن 5 ميچ کيڏيا ويا، شھرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب عمرڪوٽ شھر جي ماروي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ منڱريا پريميئر ليگ سيزن 1 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آھي جنھن جو افتتاح مھمان خاص ڊاڪٽر محمد رمضان منڱريو، ميجر سليم منڱريو، ٽورنامينٽ جي سرپرست اعلي فقير محب منڱريو، فقير سڪندر علي منڱريو ۽ چيف آرگنائيز راشد منڱريو طرفان ڪيو ويو شروع ٿيل ميچ جي پھرين ڏينھن تي 5 ميچ کيڏيا ويا جن ۾ پھريون ميچ شھيد عبدالرحيم گرھوڙي رح ۽ فقير امين منڱريو جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنھن دوران ٽاس کٽي شھيد عبدالرحيم گرھوڙي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ فقير امين منڱريو ڪلب طرفان پھريون ميچ مقرر 8 اورن ۾ 128 اسڪور ٺاھيو جيڪو شھيد عبدالرحيم گرھوڙي ڪلب ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگھي ٻيو ميچ فقير جادم مڱريو ڪلب ۽ شيراڻي فقير صاڀو ڪلب جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنھن ۾ شيراڻي فقير صاڀو 136 رنسن تان ڪاميابي ماڻي رفيق پاران 10 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان بھترين اسڪور وٺي ناٽ آئوٽ رھيو فقير جادم منڱريو جي ٽيم 76 رنسون ٺاھي سگھي جڏھن ته ٽيو ميچ شيراڻي فقير صاڀو ۽ فقير امين فقير منڱريو جي وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ شيراڻي فقير صاڀو 91 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو فقير امين منڱريو ڪلب 51 رنسون ٺاھي سگھي ميچ شيراڻي صاڀو کٽي ورتو جڏھن ته چوٿون ميچ فقير جادم منڱريو ۽ فقير امين منڱريو ٽيمن ۾ ٿيو جنھن ۾ فقير جادم منڱريو ڪلب 65 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنھن ۾ بابر منڱريو 47 رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيو جڏھن ته مقابلو فقير امين منڱريو ڪلب کٽي ورتو جڏھن ته پنجون ميچ شھيد عبدالرحيم گرھوڙي رح ۽ شيراڻي فقير صاڀو جي وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ پڻ شيراڻي فقير صاڀو ڪلب ڪاميابي ڪيائين صحافين سان ڳالھائيندي ٽورنامينٽ جي سرپرست اعلي فقير محب منڱريو، راشد منڱريو ۽ ٻين چيو ته صحتمند معاشري لاءِ رانديون ضروري آهن اسان جي ضلعي جي تمام رانديگرن ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي ۽ اها اميد ٿي ڪجي ته هتي جي انتظاميه راندين ۽ خاص طور تي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪندي ۽ رانديگرن جي لاءِ موڪيا پيدا ڪندي ان موقعي تي ٽورنامينٽ ۾ مھمانن فقير صادق منڱريو صاڀو، انجنئير شھزاد منڱريو، سجاد علي منڱريو، بھادر علي منڱريو، ڪامينٽر ڊي ڊي حڪيم چند، اسڪورر ننڍڙو ياسر منڱڻھار سميت ٻيا پڻ موجود ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ مڱريا پريمئير ڪرڪيٽ ليگ شروع،
0 تبصرے