محمد علي خانزادہ، ايڊووڪيٽ عبدالقادر خانزادہ، آفتاب رضا، ماهنور شيخ، تنزيلا ميمڻ، زويا لاڙڪ ۽ ٻيا به موجود هئا
نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ غريب مستحق ٻارن کي عيدالفطر جي موقعي تي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾ شهر جي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن جا اڳواڻ محمد علي خانزادہ، ايڊووڪيٽ عبدالقادر خانزادہ، آفتاب رضا، سياسي سماجي اڳواڻ ماهنور شيخ، تنضیلان میمڻ زويا لاڙڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هر سال وانگر هن سال به نوشھروفیروز جي 400 کان وڌيڪ غريب مستحق ٻارن کي سندن مرضي مطابق مفت عيد شاپنگ ڪرائي پئي وڃي، جنهن ۾ کين ڪپڙا، جتيون، مهندي، رانديڪا ۽ ٻيون شيون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن هو به عيد جي خوشين ۾ شامل ٿي سگهن۔
0 تبصرے