English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سگا ڪراچي برانچ جي نئين چونڊيل باڊي جي تعارفي گڏجاڻي
views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
هن وقت سنڌ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جنهن لاءِ اسان کي جدوجهد ڪرڻي پوندي، تعليم ۾ اسان کي اڳتي وڌڻو آهي:مقرر
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن ڪراچي مدر برانچ جي نئين چونڊيل باڊي جي تعارفي تقريب منقعد ڪئي وئي. پروگرام ۾ آيل مهمانن کي اجرڪ پارايا ويا ۽ کين سگا جا بيج لڳايا ويا. تقريب ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جي باني محمد سليمان شيخ، اڳوڻي وفاقي وزير مدد علي سنڌي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن ڪراچي جي صدر اي بي لاشاري، فتح محمد کهاوڙ، اشرف علي، ڊاڪٽر يار محمد کهاوڙ، يونس مهر ۽ وڪيلن، صحافين، ليکڪ، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سنڌ سگا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي محمد سليمان شيخ چيو ته نئين چونڊيل باڊي کي خوش آمديد چئون اسان کي يقين آهي ته نيئن چونڊيل باڊي پنهجو ڪم ڀرپور نموني ڪندا، اوهان سڀئي دوست ان ۾ سهڪار ڪندا، سگا جا جا روشن تارا اسڪول بهترين اسڪول ٿين، اميد آهي ته اسان اڃا وڌيڪ بهتر ڪم ڪندا رهون، هن وقت سنڌ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جنهن لاءِ اسان کي جدوجهد ڪرڻي پوندي، تعليم ۾ اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، ڇو ته اسان جو هڪ شاندار ماضي آهي، سرڪاري ادارا جيڪي به آهن اهي اسان جا انهن جي اسان مالڪي ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن خاص فعال تنظيم آهي، نئين چونڊيل باڊي جي صدر اي بي لاشاري هڪ محنتي جفاڪش ماڻهو آهي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، مون اڄ سگا جي دوستن آڏو اها ڳالھھ چئي آهي ته اسلام آباد ۾ هاسٽل آهي شاگردن ۽ شاگردياڻين اهڙي طرح ڪراچي ۾ به هڪ هاسٽل شاگردن شاگردياڻين لاءِ ٺهرائڻ گهرجي جئين ڪراچي ۾ ٻين شهرن جا شاگرد اچن ٿا آهي اتي رهي سگهن، ان لاءِ اسان کي چندو گڏ ڪرڻو پوي يا حڪومت کان فنڊ وٺڻو پوي پر ڪراچي ۾ هاسٽل ٺهرائڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪراچي ۾ شاھ لطيف هال ٺهرائڻ گهرجي، ماڻهن کي ووٽ ڏيندڙن کان سول ڪرڻ گهرجي. سگا ڪراچي جي نيئن چونڊيل صدر اي بي لاشاري چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن سماجي لحاظ کان سنڌ جي وڏي تنظيم آهي، سگا ايڪٽو ڪجي ته سماجي توڙي سياسي تمام وڏو رول ادا ڪري سگهي ٿي، سگا جا روشن تارا اسڪول ڪجهه جڳهن تي آهن اسان اها ڪوشش ڪنداسين ته هر تعلقي ۾ اسڪول کوليا وڃن، اسان جو ملڪ زرعي ملڪ هن تي زراعت سان منسلڪ اسڪلس تي ڪم ڪيو وڃي اسان کي خام مال ٻاهران گهرائڻ ضرورت ناهي زراعت مان پيدا ٿيندڙ خام مال تمام بهترين نموني سان فيڪٽري جوڙي ڪري اسان پنهنجي عام ماڻهو کي روزگار ملي سگهي، اسان اهو ٿا چئون ته اسان ماڻهن کي مانيون نه کارايو ڪپڙا نه ڏيو بلڪ انهن ماڻهن کي ڪپڙا ٺاهڻ سيکاريو ۽ انهن کي مڇي پڪڙڻ سيکاريون اهو اسان جو پيغام آهي، اسان لائيف ٽائيم اچيو مينٽ ايوارڊ سگا جي باني محمد سليمان شيخ کي ڏينداسين، سگا پاران بهترين ڪم ڪندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا وڃن، سگا سنڌ جو هڪ خدمتگار ادارو آهي، سگا جي تاريخ رهي آهي ته خاص ڪري علم، ادب ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
12th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی فوج ہمیں دھمکیاں نہیں دے سکتی، ہم ملکی سالمیت کا دفاع بخوبی جانتے ہیں. آرمی چیف
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 مرڻينگ
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سگا ڪراچي
چونڊيل باڊي
اي بي لاشاري
مدد علي سنڌي
0 تبصرے