English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور بچايو تحريڪ پاران بدامني ۽ ٻارڙن جي اغوا خلاف احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي
13 views
|
20th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
12ورهين جي عصما ڌيءَ احسان علي راهڙي واري واقعي تي ڌيان ڇڪائڻ ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ويو
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ معصوم ٻارڙن جي اغوائن خلاف لکيدر گھنٺاگھر چوڪ تي اڄ شام 5 وڳي پرامن احتجاجي علامتي ڪيمپ لڳائي وئي. احتجاجي ڪيمپ ۾ شڪارپور بچايو تحريڪ جي چئيرمين الاھي بخش شيخ، عبدالوهاب ڪاغذي، فضل الله نوراني، عبدالغفور دايو، ۽ علي اصغر پھوڙ ، افضل حسين مغل ، احسان احمد جيھو ، علامہ مولانا عبدالفتاح مھر ، علامه مشتاق احمد سھندڙو پاران شرڪت ڪئي وئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ شھرين ، مغوي ٻارڙن جي وارثن پاران به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي وئي احتجاج دوران لکيدر ٿاڻي جي حد ۾ زيادتي بڻيل 12 سالہ معصوم نياڻي عصما ڌيءَ احسان علي راهڙي جي واقعي تي پڻ ڌيان ڇڪائڻ ، انصاف ٿيڻ لاءِ آواز اٿاريو ويو، ۽ جنهن سان مبينه زيادتي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي پرافسوس جو انصاف جي فراهمي اڃا تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي، ۽ جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. متاثر خاندان لاءِ اھو ڏکوئيندڙ صورتحال ناقابل برداشت آهي ۽ انصاف لاءِ هنن پنهنجو احتجاج جاري رکڻ جو عزم ورجايو. شڪارپور بچايو تحريڪ پاران احتجاج جو مقصد شھر ۾ وڌندڙ بدامني، اغوائن، ۽ خاص طور تي ناصر بکراڻي ۽ وليد ميمڻ جي اغوائن تي حڪومت ، وس وارن جو ڌيان ڇڪائڻ ھيو. احتجاج ڪندڙن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي، معصوم ٻارڙن جي حفاظت کي يقيني بڻائي، ۽ جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. جڏھن ته احتجاجي مظاهري کي شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھر جي عوام لاءِ بدامني ۽ معصوم ٻارڙن جي اغوائن کي برداشت ڪرڻ مشڪل ٿي چڪو آهي. اھا صورتحال شھرين جي ذهني سڪون ۽ زندگيءَ تي ناڪاري اثر وجهي رهي آهي. اڳواڻن انتظاميا کي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن انتظاميا ان مسئلي تي فوري طور تي ڪارروائي نه ڪئي ته احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويندا ۽ وڌيڪ احتجاجي مظاهرن جو دائرو وڌائيندي قدم به کنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے