English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن
views
|
12th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن دوران هوٽلن، گيسٽ هائوسز ۽ ڪيترن ئي گاڏين جي تلاشي ورتي وئي: ايس ايس پي
ٺٽو(ڊ ر) ايس ايس پي ٺٽو جي هدايتن تي ٺٽو پوليس پاران سڄي ضلعي ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو ته جيئن امن امان جي فضا برقرار رهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي حڪم تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي هدايت تي ايس ڊي پي اوز جي نگراني ۾ ضلعي ٺٽي ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن دوران هوٽلن، گيسٽ هائوسز ۽ ڪيترن ئي گاڏين جي تلاشي ورتي وئي، ان کان علاوه پوليس جي جديد ٽيڪنيڪل سسٽم سي آر آءِ ۽ سرچ سافٽ ويئر تحت ڪيترن ئي شڪي ماڻهن جي تصديق پڻ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي ٺٽو جو چوڻ آهي ته ٺٽي ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ايس ڊي پي اوز جي سربراهي ۾ ضلعي ۾ سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن ۽ جنرل هولڊ اپ ناڪبندي ڪئي وئي آهي. پوليس پاران سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشن ۾ شامل ماڻهن کي پيغام ڏنو ويو ته جيڪڏهن ڪو به شڪي ماڻهو نظر اچي يا ڪا ڳجهي اطلاع ملي ته فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڪن ته جيئن علائقي ۾ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. ايس ايس پي ٺٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ضلعي ۾ امن امان جي فضا برقرار رکڻ ۽ ضلعي ۾ قانون جي بالادستي برقرار رکڻ ۽ عوام جي جان و مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ ڏوهاري عناصرن ۽ معاشرتي براين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رکي ويندي..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايس ايس پي
ٺٽو پوليس
SSP
0 تبصرے