English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ گندگي ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف اٺين ڏينهن به احتجاج جاري
views
|
05th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه لاپرواهي سبب شهر جا 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن: اڳواڻ
نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهرو فيروز ۾ گندگي آزار وڌيو ميونسپل چيئرمين، ميونسپل آفيسر ۽ يونين عهديدار ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا سياسي سماجي ڌرين جو گندگي خلاف اٺين ڏينھن به احتجاج جاري، شھر جي مختلف علائقن گندگي خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران الله واري چونڪ تي احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، مهر علي وسطڙو، سڪندر اعظم عباسي، ضمير لنڊ، علینواز سولنگی ظمیر وسطژو جي ايم ميراڻي، راجا رئيس ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جنهن سبب شهر جا معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن مختلف علائقا جن ۾ روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، سول اسپتالقبرستانن ، گرلس اسڪول، اسٹیشن رود ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي هر طرف گندگي جا ڍير لڳا پيا آھن شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر اها رقم ڪوڙن ووچر ذريعي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن ويزا تي آھن هنن وڌيڪ چيو ته ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، ميونسپل آفيسر وليد شورو سئيپرن جي يونين جا عهديدار ڪشن راجا، مولابخش شيخ، خالد شيخ ملي ڀڳت ڪري سڀ ملازم ويزا تي ڇڏڻ سميت بجيٽ ڪوڙن ووچرن ذريعي ھڙپ ڪري رهيا آھن ھنن چيو ته ملوث عملي خلاف ڪاروائي ڪري شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے