English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس اميدوارن جا 10 کان 12 جنوري تائين ايس ايس پي آفيس ۾ انٽرويو ٿيندا
77 views
|
07th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پوليس ۾ ڀرتي ٿيندڙ ۽ لکت ۾ پاس ٿيندڙ ڪانسٽيبلن کي اطلاع ٿي ڪجي ته انٽرويو جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. لکت واري امتحان ۾ ڪامياب اميدوارن کي 10 جنوري 2025 کان 12 جنوري 2025 تائين پوليس هيڊ ڪوارٽر ايس ايس پي آفيس عمرڪوٽ انٽرويو لاءِ اچڻ جو چيو ويو آهي. جنهن موجب 10 جنوري جمعي جي ڏينهن لسٽ نمبر 1 کان 400 وارا. 11 جنوري ڇنڇر جي ڏينهن لسٽ نمبر 401 کان 800 وارا. جڏهن ته 12 جنوري آچر تي لسٽ نمبر 801 کان 1209 وارا لکت واري امتحان ۾ ڪامياب اميدوار انٽرويو لاءِ ايس ايس پي آفيس عمرڪوٽ ۾ صبح 9 وڳي حاضر ٿين ـ اميدوارن کي چيو ويو آهي ته اهي پنهنجا اصل دستاويز ۽ فوٽو ڪاپيون پاڻ سان گڏ آڻين، جنهن ۾ قومي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ سائيز جا 3 عدد فوٽو، تعليمي سرٽيفڪيٽ، ڊوميسائل، فارم ڊي، رٽائرڊ، حاضر سروس پوليس اھلڪار، والدين جي رٽائرمينٽ جو آرڊر، سروس سرٽيفڪيٽ پاڻ سان گڏ آڻڻ. انٽرويو لاءِ حاضر ٿيندڙ اميدوارن کي چيو ويو آهي ته ڏنل هدايتن تي عمل ڪن ۽ وقت جي پابندي جو خيال رکن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
پوليس
0 تبصرے