English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ضلعي امن ڪاميٽي جي قانوني بنياد جي موضوع تي تربيتي ورڪشاپ
views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊوڪيسي، سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس جي سھڪار سان ورڪشاپ ٿيو
شڪارپور ( احسان ابڙو) ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊوڪيسي (بسوا)، سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن حڪومت سنڌ پاران ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس جي گڏيل سھڪار سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ضلعي امن ڪاميٽي جي ميمبرن جي ضلعي امن ڪاميٽي جي قانوني بنياد جي موضوع تي تربيتي ٻن ڏينهن جو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. تفصيل موجب ڀٽائي سوشل واچ اينڊ ايڊوڪيسي (بسوا)، سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن حڪومت سنڌ پاران ۽ يونائيٽڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس جي گڏيل سھڪار سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ضلعي امن ڪاميٽي جي ميمبرن جي ضلعي امن ڪاميٽي جي قانوني بنياد جي موضوع تي تربيتي ٻن ڏينهن جو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس عباسي ورڪشاپ جي صدارت ڪئي جڏھن تہ سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن حڪومت سنڌ جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو خاص مھمان ھو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ظفر عباس عباسي خطاب ڪندي چيو تہ حڪومتي فيصلي کي نظر ۾ رکندي ضلعي شڪارپور جي ضلعي امن ڪميٽي کي منظم ڪيو ويندو ۽ ان جي تنظيم نو ڪئي ويندي. هن چيو ته شڪارپور ضلعو پرامن آهي، مختلف فرقن جي وچ ۾ خوشگوار هم آهنگي، امن ۽ رواداري آهي. هن ڪارآمد تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ تي بسوا ۽ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو. اقبال احمد ڏيٿو خطاب ڪندي ضلعي امن ڪاميٽي جو بنياد مضبوط ڪرڻ بابت مختلف قانونن تي روشني وڌي. هن چيو ته سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن انساني حقن جي فروغ ۽ امن جي قيام لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ھن ورڪشاپ منعقد ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ تي شڪارپور جي ضلعي انتظاميہ خاص طور تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور جو شڪريو ادا ڪيو. تربيتي ورڪشاپ دوران مختلف تجويزون سامهون آيون. جنهن ۾ ضلعي امن ڪاميٽي جي آفيس لاءِ جاءِ الاٽ ڪئي وڃي. شڪارپور ۾ ضلعي امن ڪميٽيءَ ۾ سماج جي مختلف طبقن کي شامل ڪري سگهارو ٿي سگهي ٿو. مقامي سطح تي تڪرار جي حل لاءِ متبادل طريقا متعارف ڪرائي سگهجن ٿا. ايس ايس پي آفيس شڪارپور ۾ سي پي ايل سي جي آفيس قائم ڪري سگهجي ٿي. غريب قيدين لاءِ قانوني امداد ڪميٽيون جوڙي سگهجن ٿيون ۽ قيدين کي قانوني رليف ڏنو وڃي. قبائلي ۽ نسلي تڪرارن جي حل لاءِ تعلقي سطح تي امن ڪميٽي قائم ڪري سگهجي ٿي. ان کان اڳ بسوا جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خادم حسين ميراڻي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ ورڪشاپ جي مقصدن بابت آگاھي ڏني ۽ شرڪت ڪندڙن جي متحرڪ ڪردار جي ساراہ ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري اڪيڊمڪ ايڊوائزر بسوا ۽ ذوالفقار ميراڻي ورڪشاپ جا ٽرينرز ھئا. آخر ۾ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفيڪيٽ ورھايا ويا. ورڪشاپ ۾ اقليتي ميمبرن سميت ضلعي امن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ضلعي امن ڪاميٽي
ڀٽائي سوشل واچ
0 تبصرے