English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھارو شھر ۾ مشھور ڪيفي عمران ھوٽل ٽو جوافتتاح, سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت
51 views
|
28th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عاشق زرداري، رياض شاھ شيرازي،ڄام گھرام جوکيو ۽ ٻين افتتاح ڪيو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)گھارو شھر ۾ مشھور ڪيفي عمران ھوٽل ٽو جو شاندار افتتاح، وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن ۽ معزز مهمانن جي شرڪت،تفصيل مطابق ڪلهه رات گھارو شھر ۾ قائم ڪيفي عمران ٽو ھوٽل جي شاندار افتتاحي تقريب وڏي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي معزز ماڻهن، صحافين، ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران ڪيفي جي مالڪ پنهنجي نئين هوٽل جي شاندار ماحول، صفائي ۽ بهترين سهولتن بابت تفصيل سان ٻڌايو. تقريب جي شروعات مهانن کي ڀليڪار چئي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هوٽل جي افتتاحي فتي ڪاٽڻ جي رسم ادا ڪئي وئي.جنھن دوران پ پ اڳواڻ عاشق زرداري،صوبائي وزير سيد رياض شاھ شيرازي،ڄام گھرام جوکيو،۽ ٻين ھوٽل جي ريبن ڪٽي افتاح ڪيو،ان موقعي تي ڪيترن ئي معزز مهمانن ڪيفي جي مالڪ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪيفي عمران ٽو هڪ اهڙي شاندار هوٽل آهي جيڪا مقامي ماڻهن لاءِ بهترين کاڌي ۽ آرامده ماحول فراهم ڪندي.تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن ڪيفي عمران جي بهترين صفائي، پرڪشش اندروني ڊيزائن، ۽ بهترين جڳهه تي هوٽل قائم ڪرڻ تي مالڪ جي تعريف ڪئي. ان کان علاوه، ڪيفي ۾ جديد طرز جا کاڌا ۽ بهترين سهولتون ڏسي مهمانن خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جڏھن تہ مقامي ماڻهن ۽ معزز مهمانن تقريب کانپوءِ ڪيفي جو جائزو ورتو ۽ خوشي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ڪيفي عمران ٽو علائقي ۾ معياري کاڌي ۽ بهترين سهولتن جو نالو روشن ڪندو. مالڪ پڻ واعدو ڪيو ته هو پنهنجي گراهڪن جي اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو.ڪيفي عمران ٽو جي افتتاحي تقريب هڪ يادگار لمحو بڻجي وئي، جتي سڀني ماڻهن گڏجي هن نئين شروعات جي ڪاميابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.افتتاحي تقريب ۾ اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر واحد سومرو،پير رحماني،ضلعي وائيس چيئرمن ممتاز جلباڻي،ارباب وزير ميمڻ،حنيف صابوگر،ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ضلعي سجاول جي ڊسٽرڪٽ چيئرمن دانش ملڪاڻي،مختلف پريس ڪلب جي صحافين،عوامي پريس ڪلب ٺٽو جو صدر بلاول سمون،سميت سوين معززين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گھارو
ٺٽو
0 تبصرے