English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ شاهين پبلڪ اسڪول ۽ ٽيلينٽ انگلش اڪيڊمي پاران والدين جو ڇهون ڏهاڙو ملهايو ويو
views
|
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
معاشري ۾ بهترين والدين بڻجڻ لاءِ پنهنجي ٻارن جي بهتر کان بهتر پرورش ڪرڻ لازمي آهي: مقرر
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ شاهين پبلڪ اسڪول ۽ ٽيلينٽ انگلش اڪيڊمي پاران مڱريا شادي ھال ۾ والدين جو ڇهون ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ رنگا رنگ تقريب دوران پروگرام ۾ چوڏهن چنڊ لڳي ويا، تقريب ۾ ٽي او پرائمري محمد عثمان کوکر استاد عبدالوحيد، پروفيسر گلاب سومرو، محمد جمن ٻگهيو، اقبال احمد جعفري، سماجي ورڪر صداقت علي جوڻيجو، اسڪول انتظاميہ سميت شاگردن جڏهن تہ شهرين کان علاوه والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، والدين جي موجودگي ۽ شاندار پروگرام ۾ شاگردن پاران پاڪستان جي تراني تي پرفارمنس سميت لطيف جا بيت، تقريرون، ۽ تيبلوز پيش ڪيا ويا، جڏهن تہ آيل مهمانن توڙي صحافين کي اجرڪ جا تحفا ۽ گلدستا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي محمد عثمان کوکر، عبدالوحيد، گلاب سومرو، اقبال احمد جعفري، صداقت علي جوڻيجو، اسڪول پرنسيپال ضمير حسين ميراڻي، ميل في ميل ٽيچر ۽ شاگردن خطاب ڪندي چيو تہ معاشري ۾ بهترين والدين بڻجڻ لاءِ پنهنجي ٻارن جي بهتر کان بهتر پرورش ڪرڻ لازمي آهي، ٻارن جي سٺي تربيت انهن جي تعليم بہ والدين جي فرض ۾ شمار ٿئي ٿي، هنن چيو پروگرام ڪرائڻ جو مقصد اهيو بہ آهي تہ شهرين والدين وچ ۾ سندن ٻارن جو ٽيلينٽ ڏيکارڻ آهي، هنن چيو اسڪول جي شاگردن توڙي ميل في ميل ٽيچرس پروگرام چوڏهن چنڊ لڳائيندي بهتر پرفارمنس ڪيو، پرنسيپال استاد ضمير حسين ميراڻي والدين کي اسٽيج تي گهرائي حوصلا افزائي ڪئي جڏهن تہ سندن گلن جا هار پارائي آنر ڏنو، هن چيو شهري وڌ ۾ وڌ اسانجي اسڪول ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاء داخل ڪرائڻ سان گڏ انهن جو ٽيلينٽ ڏسڻ لاء وزٽ ڪن، هن چيو والدين جي عالمي ڏينهن تي هر سال شهر اندر پروگرام ڪرايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
شاهين پبلڪ اسڪول
ٽيلينٽ انگلش اڪيڊمي
0 تبصرے