English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رتوديرو ۾ نينگر سان ٿيل لڄالٽ واري واقعي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج
views
|
07th May 2023
•
سنڌي خبرون
12ورهين جي نينگري سان لڄالٽ جي واقعي سبب انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي: اڳواڻ
حيدرآباد(بيورو) رتوديرو ۾ 12 سالن جي نياڻي سائره سان لڄالٽ واقعي خلاف حيدرآباد ۾ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ جي سڏ تي نسيم ننگر چوڪ قاسم آباد ۾ مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي صبا سمون، ھميرا اختر، ساجده ابڙو، سيما جوڳي، بختاور چنڊ، عارفه راڄپر، سيمہ جوڳي، نسا مظھر، صنم سمون ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن پڻ شامل ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي نياڻين ۽ ٻارن لاءِ غير محفوظ بنايو ويو آھي. 12 سالن جي معصوم سائره سان لڄالث واقعي انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي. واقعي جي جيتري بہ مذمت ڪجي گھٽ آھي. جوابدار گرفتار آھي پر ڪجھ وقت کانپوءِ جرڳو ڪري معصوم نياڻي سان ظلم ڪندڙ جوابدار کي بچايو ويندو ۽ ان کي ڪا بہ سزا نہ ايندي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شئي ناھي. جرڳائي سسٽم کي مضبوط ڪيو ويو آھي. درجنين خونن ۽ معصوم نياڻين جي عزتن جا جرڳن ۾ سودا ڪيا وڃن ٿا. ڪجھ لکن جي چٽي ھڻي گناھ صاف ڪيا وڃن ٿا. وڏيرا ۽ سردار معصوم سائره سان بہ اھڙو ظلم ڪندا. سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھائي ڪورٽ کي معصوم سائره سان لڄالٽ واقعي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ھي معمولي ڪيس ناھي. ھي تمام وڏو مسئلو آھي. اسڪولن ۽ مدرسن ۾ معصوم شاگرد محفوظ ناھن. نياڻيون اغوا ڪري انھن جو زبردستي مذھب تبديل ڪري شاديون ڪيون وڃن ٿيون. غريب وارث دانھون ڪندا رھن ٿا پر انھن سان انصاف نٿو ٿئي. اڳواڻن چيو تہ اقليتون، معصوم ٻار، نياڻيون محفوظ ناھن. سنڌ کي ھٿ وٺي درندن، قاتلن ۽ جلادن جي ور چاڙھيو ويو آھي. ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي معصوم سائره سان لڄالٽ واقعي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي. وحشي بگھڙ معصوم نياڻين کي نشانو بنائي رھيا آھن. لڄالٽ ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن جوابدارن جي سخت سزا اچي تہ اھڙا واقعا رڪجي ويندا. معصوم ٻارن ۽ نياڻين کي تحفظ ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ سٽي پوليس جي ڪارروائي، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪمشنر ڪراچي پاران پاڪستان اسٽيل ملز بابت معاهدن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ اجلاس طلب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رتوديرو
حيدرآباد
لڄالٽ
Rape
سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ
0 تبصرے