English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ پوليس ۾ جعلي ڊوميسائل تي ڀرتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت سميت 7 اميدوار پڪڙي پيا
70 views
|
08th May 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ جي هدايتن تي ڊي ايس پي ايس ايس يو جعلسازي ڪندڙ 7 اميدوارن خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي تي ڀرتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ عورت سميت 7 اميدوار پڪڙي پيا، ڪيس داخل، ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ جي هدايتن تي ڊي ايس پي ايس ايس يو جعلسازي ڪندڙ 7 اميدوارن خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. جنهن ۾ فراڊ جا قلم شامل ڪيا ويا. ايف آءِ آر جي متن موجب 2021 ۾ ايس ايس يو ۾ ڪانسٽيبلز جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو، ڀرتين لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي لازمي قرار ڏني وئي هئي، ٽيسٽ پاس ڪندڙن جا انٽرويو ڪيا ويا، اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا، جيڪي تصديق لاءِ اماڻيا ويا، 7 اميدوارن جا ڊوميسائل لاڳاپيل آفيسن جعلي قرار ڏنا، جعلي ڪاغذن ذريعي نوڪري حاصل ڪرڻ ڏوهه آهي، جعلسازي ڪندڙن ۾ وقاص، اختر علي، اڪبر، نعيم، نبيل، عشرت ۽ شهزاد شامل آهن، متن موجب وقاص ولد شوڪت علي 28 مارچ 2016 تي اولهه ضلعي مان ڊوميسائل پي آر سي ٺهرايا، اختر علي زيب ولد شير زيب7 ڊسمبر 2017 تي اولهه ضلعي ۾ ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايا، اڪبر علي ولد نثار حسين 2008 ۾ اوڀر ضلعي مان ڊوميسائل پي آر سي ٺهرايا، نعيم ولد قربان علي 2015 ۾ اوڀر ضلعي جو ڊومسائيل ۽ پي آر سي ٺهرائي، محمد نبيل ولد شيراز 2017 ۾ ڏکڻ ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو، عشرت ڌيءَ محمد اسلم 2016 ۾ ملير ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو ۽ شهزاد ولد رحمت الله 2015 ۾ ملير ضلعي جو ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهرايو. جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ پوليس
جعلي ڊوميسائل
ڊي آءِ جي
ايس ايس يو
ڊي ايس پي
0 تبصرے